ججز ڪاميٽي ۾ غيرجمهوري رويو ۽ ون مين شو آهي: جسٽس منصور جو شرڪت کان انڪار، 3 شرط

سيپٽمبر 24, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور شاهه پاران پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو، ججز ڪاميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت بنا واپس هليو ويو، ججز ڪاميٽي جي اجلاس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس امين الدين خان شرڪت ڪئي، سيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه ترميمي آرڊيننس ۽ ججز ڪاميٽي جي جوڙجڪ تي سوال اٿاري ڇڏيا، جسٽس منصور علي شاهه سيڪريٽري سپريم ڪورٽ ڪاميٽي کي خط لکيو آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته سندس خط کي ڪاميٽي ميٽنگ جي مِنٽس جو حصو بڻايو وڃي، خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪو سبب ٻڌائڻ بنا جسٽس منيب اختر کي ڪاميٽي مان هٽايو ويو، پنهنجي مرضي جو ميمبر ڪاميٽي ۾ شامل ڪري پنهنجي مرضي هلائي وئي جيڪو غير جمهوري رويو ۽ ون مين شو آهي، خط ۾ چيو ويو ته چيف جسٽس جي ذات ۾ انتظامي معاملن جو گڏجڻ غيرجمهوري ۽ عدالتي شفافيت جي اصول خلاف آهي، جسٽس منصور شاهه چيو ته ترميمي آرڊيننس کان ترت پوءِ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي جوڙي وئي ۽ اُن جا ڪارڻ به نه ٻڌايا ويا. آرڊيننس اچڻ بعد به سينئر ترين ججز کي ڪاميٽي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي ها، جسٽس منصور علي شاهه ڪاميٽي ۾ واپسي لاءِ 3 شرط رکي ڇڏيا، خط ۾ چيو ته جيستائين فل ڪورٽ ان آرڊيننس جي آئيني حيثيت جو جائزو نٿي وٺي ڪاميٽي ۾ نه ويهندس، يا جيستائين فل ڪورٽ آرڊيننس ذريعي ترميمن تي عمل جو فيصلو نٿي ڪري تيسائين ڪاميٽي ۾ نه ويهندس، يا پوءِ جيستائين چيف جسٽس اڳوڻي ڪاميٽي بحال ڪندي جسٽس منيب کي شامل نٿي ڪري تيستائين ڪاميٽي ۾ نه ويهندس.خط ۾ مطالبو ڪيو ويو ته صدارتي آرڊيننس تي سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ جوڙي وڃي يا انتظامي سائيڊ تي فل ڪورٽ اجلاس گهرايو وڃي.

Leave A Comment