عدليه سان ٽڪراءُ ؟ آزاد ميمبر شموليت بعد پارٽي بدلائي نه سگهندو، فهرست نه ڏيڻ تي مخصوص سيٽون نه ملنديون: بل پيش
جُولاءِ 31, 2024
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل روڪڻ لاءِ مسلم ليگ ن جي ميمبرن بلال اظهر ڪياني ۽ زيب جعفر قومي اسيمبلي ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم جو بل پيش ڪري ڇڏيو. قانون واري وزير جي مخالفت نه ڪرڻ سبب اليڪشن ايڪٽ 2017ع ترميمي بل 2024ع وڌيڪ غور لاءِ ڪاميٽي ڏانهن موڪليو ويو. اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 66 ۽ 104 ۾ ٻه ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن، ترميمي بِل موجب آزاد اسيمبلي ميمبر پاران ڪنهن سياسي پارٽي سان پنهنجي وابستگي جو اقرار نامو تبديل نه ڪري سگهبو، آزاد اميدوار 3 ڏينهن ۾ شموليت جو پابند هوندو، ان کانپوءِ آزاد ميمبر ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل نه ٿي سگهندو، ڪنهن ٻي سياسي پارٽي ۾ شموليت جي رضامندي واپس نه ٿي سگهندي، ان تي ڪنهن به عدالت جو فيصلو اثرانداز نه ٿي سگهندو، ترميمي بِل موجب جنهن پارٽي مخصوص سيٽن لاءِ فهرست اليڪشن ڪميشن کي نه ڏني هوندي ان کي مخصوص سيٽون نه ملنديون. جڏهن ته اپوزيشن پاران بل جي مخالفت ڪئي وئي ۽ نعرا هنيا ويا.