عدليه ۾ مبينه مداخلت جو ڪيس: اسان کي مداخلت روڪڻي پوندي: سپريم ڪورٽ
اپريل 30, 2024
جڏهن رياست ججز کي نشانو بڻائي ته پوءِ معاملو سنگين ٿي ويندو آهي، ظاهري طور لڳي ٿو ته رياست ججز خلاف احتجاج ڪري رهي آهي: جسٽس اطهر من الله جا سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز پاران لکيل خط تي ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران رمارڪس، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بينچ ٻڌڻي هلائي رهي آهي، جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ چيو ته گذريل 75 سالن کان اهو ٿي رهيو آهي ته عدالتي معاملن ۾ مداخلت ٿي رهي آهي، هاءِ ڪورٽس پنهنجي تجويزن ۾ ان جي تصديق ڪئي آهي، جسٽس اطهر من الله اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته هڪ جج صاحب جي ذاتي بايوڊيٽا سوشل ميڊيا تي رکي وئي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ آزاد خيال جج آهي ۽ هو دٻاءَ ۾ نه ٿو اچي