Just Energy Transition … توانائي تائين رسائي ۽ آگاھي جو مسئلو … فرزانه ايري

                 “جسٽ انرجي ٽرانزيشن” جي ڳالهه ٿيندي آهي ته اڪثر ماڻهو سوچيندا آهن ته بس ماڻهن کي ٻڌايو، سمجهايو، ۽ ڪم ٿي ويندو. پر جيڪو سوال اصل ۾ اهميت وارو آهي، اهو آهي ته ڇا عام ماڻهوءَ لاءِ هي تبديلي واقعي ممڪن آهي؟ دنيا ۾ توانائي جي تبديليءَ جي بحث ۾ اڪثر اهو نظرانداز ڪيو ويندو آهي ته هي تبديلي ڪير آڻيندو، ڪنهن جي پئسن سان آڻيندو، ۽ ڪنهن کي ان جو فائدو ٿيندو. صرف شعور ڏيڻ سان نه، پر نظام بدلائڻ سان ئي اصل تبديلي ممڪن آهي.

                 مسئلو رڳو ڄاڻ جو ناهي پر انصاف تي ٻڌل پائيدار توانائيءَ جي سهولتن جي ميسر هجڻ هو آهي. سوچيو هڪ اهڙو ماڻهو بابت جيڪو صبح اٺين وڳي نوڪري تي نڪرندو آهي، مهيني جي پڄاڻيءَ تي گهر جو خرچ پورو ڪرڻ ۾ هٿ تنگ هوندو آهي، ۽ هر مهيني بجلي جو بل ڏسي پريشان ٿيندو آهي. هن کي خبر آهي ته سولر سستو پوندو. هن کي خبر آهي ته EV بهتر آهي. پر هو ڇا ڪري؟

                 سولر سسٽم جي قيمت لکن ۾ آهي. EV جي قيمت … ان جي ته ڳالهه ئي نه ڪريو. بينڪ مان قرض ملڻ آسان ناهي، ۽ جيڪو ملي ٿو ته اهو وياج سان ايترو وڌي ويندو آهي، جو غريب وڌيڪ پيڙجي ويندو آهي. ڪاٿي مطابق، پاڪستان ۾ هڪ بنيادي سولر سيٽ اپ جي قيمت 8 لک کان 20 لک رپين تائين هوندي آهي. هڪ عام وچولي طبقي جي ماڻهوءَ جي ماهوار آمدني/40- 50 هزار کان 80 هزار رپيا آهي. ان حساب سان هو 15 کان 30 سالن ۾ صرف بچت سان اهو سسٽم خريد ڪري سگهندو، جيڪڏهن ٻيو ڪو خرچ نه هجي.

 اها نوڪري ڪندڙ عورت، جيڪا صبح جو ٻار اسڪول ڇڏي، پوءِ پاڻ آفيس وڃي، شام جو گهر اچي ماني پچائي، ۽ رات جو لوڊ شيڊنگ ۾ ميڻ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ٻئي ڏينهن جي ڪم جي تيار ڪري. هوءَ ٿڪل ھوندي آهي. ۽ اها هارياڻي – جيڪا فجر کان جاڳي ٿي، گهر جا ڪم ٿانو، ٻهاري ، صفائي، کير ولوڙڻ، گاه ڪرڻ، ماني پچائڻ، ٻني ٻاري جا ڪم، مال جا ڪم، ۽ وري رليون سبڻ – اهي سمورا ڪم جن ۾ ان کي پنهنجي  لاءِ نه وقت ملندو آهي نه سهولت ميسر اٿس. پر هن کي خبر آهي ته سولر ان جي زندگي آسان ڪري سگهي ٿو، پر هوءَ ڇا ڪري!

سوچيو ان اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي شاگردياڻيءَ بابت – جيڪا رات هوم ورڪ يا آن لائن ڪلاس پڙهندي هجي يا فريلانسنگ جو ڪم آهي، پر بجلي نه هجڻ سبب موبائل ڊيٽا تي گذارو ڪندي آهي.  جنهن جا خواب وڏا آهن، جنهن جي صلاحيت بي مثال آهي، پر نظام هن کي بار بار پٺتي ڌڪيندو آهي. اهي شاگردياڻيون سڀاڻي جون انجنيئر، سائنسدان ۽ ليڊر آهن. انهن جو مستقبل لوڊ شيڊنگ جي اونداهي ۾ نه ٻڏڻ گهرجي.

۽ سوچيو ان نوجوان مرد بابت – جيڪو پڙهيل لکيل آهي، ٽيڪنيڪل صلاحيت رکي ٿو، سولر ٽيڪنالاجي سمجهي ٿو، پر نوڪري ناهي، ڇاڪاڻ ته ان شعبي ۾ انفراسٽرڪچر ئي ناهي. هو ملڪ مان ٻاهر وڃڻ تي مجبور آهي. نه ان لاءِ ته هن وٽ قابليت نه آهي، پر ان لاءِ ته پاڪستان ۾ انهن قابليتن جي قدر ڪرڻ جو نظام ناهي.

هي اهو ماڻهو آهي، جيڪو نه سبسڊي لاءِ “غريب” ليکجي ٿو، نه ئي ايترو “امير” آهي، جو پاڻ سيڙپڪاري ڪري سگهي. هي وچ ۾ ڦاٿل طبقو آهي، جنهن جي ڳالهه پاليسي جوڙيندڙ گھٽ ڪندا آھن.

ٽيڪس ۽ پاليسين جو بار ڪنهن تي پوي ٿو؟

هينئر پاڪستان ۾ سولر پينلز، انورٽرز، بيٽريون ۽ EV پارٽس تي ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون لڳل آهن. اهو فيصلو ڪنهن ٿڌي ڪمري ۾ ويٺل ماڻهو وٺي ٿو، پر ان جو بار پئجي ٿو هن ساڳئي وچولي طبقي تي. انهيء ورڪنگ عورت تي، انهيء شاگردياڻيءَ تي، انهيء نوجوان تي. جيڪا شيءِ انهن کي سستي ملڻ گهرجي ها، اها وڌيڪ مهانگي ٿي وئي. جيڪا تبديلي هنن تائين پهچڻ گهرجي ها، اها هنن جي هٿن کان وڌيڪ پري ٿي وئي.

دنيا جي ملڪن جيڪي ڪم ڪيا آهن، تنهن مان  ثابت ٿي چڪو آهي ته هي ممڪن آهي. جرمنيءَ ۾ Energiewende پاليسيءَ تحت عام شهرين کي بغير وياج قرض مليا، نتيجي ۾ 30 سيڪڙو بجلي قابل تجديد ذريعن مان آئي. بنگلاديش ۾ Grameen Shakti پروگرام تحت 40 لک کان وڌيڪ گهرن کي آسان قسطن تي سولر مليا. جتي خاص طور ٻهراڙيءَ جي عورتن کي ٽريننگ ڏئي سولر ٽيڪنيشن بڻايو ويو. اهي. عورتون اڄ پنهنجي ڳوٺن ۾ روشني آڻيندڙ آهن. ان ملڪ ۾ 2027 تائين هڪ ڪروڙ گهرن کي سبسڊائيزڊ سولر ڏيڻ جو هدف آهي. اهي مثال ثابت ڪن ٿا ته سياسي عزم سان اهو ممڪن آهي.

انصاف سان ٿيندڙ تبديلي ممڪن آهي. جيڪڏهن واقعي “Just Energy Transition” چاهيون ٿا، ته صرف نعرا ڪافي نه آهن. انهن سڀني ماڻهن لاءِ ورڪنگ عورتن لاءِ، يونيورسٽي پڙهندڙ شاگردياڻين لاءِ، مختلف صلاحيتون رکندڙ مردن ۽ عورتن لاءِ  عملي قدم ضروري آهن، ۽ اهي سهولتون انهن کي ترجيحي بنيادن تي ملڻ گهرجن. مالي رسائي آسان بڻائڻ گهرجي. بغير وياج قسطون، آسان بينڪنگ، ۽ حڪومتي ضمانتون ضروري آهن. اسلامي بينڪنگ جو نظام اڳ ۾ ئي موجود آهي، ان کي سولر فنانسنگ لاءِ استعمال ڪيو وڃي. ورڪنگ عورتن لاءِ خاص گرين لون اسڪيم متعارف ڪرائي وڃي. ٽيڪس ختم ڪرڻ گهرجن. رنيوئيبل انرجي جي شين تي ٽيڪس هٽائڻ سماجي انصاف جو مسئلو آهي. جيڪڏهن EV ۽ سولر تي ڊيوٽي ٻڙي ڪئي وڃي ته قيمتون پاڻهي گهٽجنديون.

يونيورسٽين ۾ گرين انرجي پروگرام شروع ڪيا وڃن. جيڪي شاگرد ۽ شاگردياڻيون اڄ ڪئمپسن ۾ آهن، اهي سڀاڻي جا پاليسي ميڪر، انجنيئر ۽ انٽرپرينيور آهن. انهن کي سولر ٽيڪنالاجي، انرجي مئنيجمينٽ ۽ گرين بزنس جي تعليم ڏني وڃي ته ملڪ جو مستقبل روشن ٿيندو. يونيورسٽين ۾ سولر انسٽاليشن لازمي ڪجي ته شاگردن کي عملي تجربو ملي.

مختلف صلاحيتون رکندڙ ماڻهن کي ترجيح ڏجي. مختلف جسماني صلاحيتون رکندڙ مرد ۽ عورتون انرجي ٽرانزيشن کان سڀ کان گهڻا متاثر ٿين ٿا. جڏهن بجلي نه هوندي آهي ته طبي سامان بند ٿي ويندو آهي، لفٽ ڪم نه ڪندي آهي، گهر جي ڪمن ڪارين وقت روشني نه هوندي آهي. انهن کي ترجيحي بنيادن تي صاف توانائي تائين رسائي ملڻ گهرجي. مقامي انفراسٽرڪچر ۽ روزگار ٺاهڻ گهرجي. سولر انسٽاليشن، EV مينٽيننس ۽ گرين بلڊنگ ۾ مقامي تربيت نوجوانن کي گهر ۾ ئي روزگار ڏيندي. خاص طور نوجوان عورتن کي ٽيڪنيشن طور تربيت ڏجي. جيئن بنگلاديش ۾ ٿيو. سبسڊيون شفاف بڻايون وڃن. جيڪا مدد ملي، اها واقعي ضرورتمند تائين پهچي.

صاف توانائي هر هڪ جو بنيادي حق

جيڪڏهن تعليم بنيادي حق آهي، صحت بنيادي حق آهي، ته پوءِ صاف توانائي به بنيادي حق آهي. اها شيءِ رڳو انهن لاءِ نه هجي، جيڪي خريد ڪري سگهن، پر هر ماڻهوءَ لاءِ هجي. هر ورڪنگ عورت لاءِ، هر خواب ڏسندڙ شاگردياڻيءَ لاءِ، هر محنت ڪندڙ نوجوان لاءِ، هر انهيء فرد لاءِ جيڪو مختلف جسماني حالتن ۾ به زندگيءَ سان ويڙه ڪندو آهي.

جسٽ انرجي ٽرانزيشن جو اصل مطلب تڏهن پورو ٿيندو، جڏهن هر طبقي جا ماڻهو، هر ورڪنگ عورت، هر خواب ڏسندڙ شاگردياڻي، ۽ هر با صلاحيت نوجوان بغير مالي بار جي صاف توانائي تائين پهچي سگهن ڇاڪاڻ ته روشني صرف خريد ڪرڻ سان نه، انصاف سان ملندي آهي.