جسٽس منصور نه ئي جسٽس منيب: جسٽس يحيٰ آفريدي نئون چيف جسٽس، پارلياماني ڪاميٽي پاران منظوري، پي ٽي آءِ جو بائڪاٽ
آڪٽوبر 23, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارلياماني ڪاميٽي نئين چيف جسٽس لاءِ جسٽس يحيٰ آفريدي جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي، 12 پارلياماني ڪاميٽي جو ان ڪئمرا اجلاس ٿيو، پي ٽي آءِ بائڪاٽ ڪيو، پ پ، ن ليگ، جي يو آءِ، ايم ڪيو ايم جي 8 ميمبرز شرڪت ڪئي، پ پ مان راجا پرويز اشرف، فاروق نائڪ، نويد قمر، متحده ميمبر رعنا انصار، جي يو آءِ پاران ڪامران مرتضيٰ، ن ليگ پاران احسن اقبال، شائسته پرويز، اعظم نذير تارڙ ۽ خواجه آصف شريڪ ٿيا. ڪاميٽي ۾ چيف جسٽس پاڪستان پاران اماڻيل ٽن نالن تي غور ڪيو ويو، جسٽس منصور شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي جا نالا اماڻيا ويا هئا. ڪاميٽي ٻه ڀاڱي ٽئي جي اڪثريتي راءِ سان جسٽس يحيٰ آفريدي جي نالي جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ ڪاميٽي نئين چيف جسٽس جو نالو وزيراعظم ڏانهن اماڻي ڇڏيو، وزيراعظم جي ايڊوائس تي صدر نئين چيف جسٽس جي مقرري جي منظوري ڏيندو. ذريعن موجب پ پ ۽ جي يو آءِ پاران جسٽس منصور علي شاهه جو نالو تجويز ڪيو ويو، ن ليگ ۽ جي يو آءِ جسٽس يحيٰ جو نالو تجويز ڪيو. ڪاميٽي ۾ شامل احسن اقبال چيو آهي ته جسٽس يحيٰ آفريدي کي چيف جسٽس پاڪستان نامزد ڪيو ويو آهي، اعظم نذير تارڙ چيو ته ٻه ڀاڱي ٽئي جي اڪثريت سان جسٽس يحيٰ کي نامزد ڪيو ويو، ڪاميٽي نالو وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيو آهي، خواجه آصف چيو ته ڪاميٽي ۾ ڊگهو پر سٺو بحث ٿيو، جسٽس منصور ۽ جسٽس يحيٰ سوڌو جسٽس منيب جي نالي تي به غور ڪيو ويو، هڪ ٻه ووٽ جسٽس يحيٰ جي مخالفت ۾ به آيا، هڪ سوال تي هن چيو ته جسٽس يحيٰ آفريدي انڪار نه ڪندو، مون کي اميد آهي ته نامزدگي قبول ڪندو، ان کان اڳ چيف جسٽس جي مقرري لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو پهريون اجلاس ڏکيائين جو شڪار رهيو، 4 رُڪني حڪومتي ڪاميٽي جون پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، سني اتحاد اجلاس ۾ شرڪت کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي ٽن ميمبرز جي عدم شرڪت سبب پارلياماني ڪاميٽي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي ساڍا 8 وڳي تائين ملتوي ٿيو هو، اجلاس ٻيهر شروع ٿيو، ان دوران مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر سان فون تي رابطو ڪري پي ٽي آءِ کي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ چيو، اسد قيصر مشاورت لاءِ مولانا فضل الرحمان کان وقت گهري ورتو. جڏهن ته اسپيڪر پاران پي ٽي آءِ سان رابطي لاءِ ذيلي ڪاميٽي به جوڙي وئي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان چيف جسٽس جي مقرري بابت جوڙيل خصوصي پارلياماني ڪميٽي جي ميمبرن ملاقات ڪئي. سُني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن ڪاميٽي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو، سني اتحاد ان فيصلي بابت اسپيڪر جي چيمبر ۾ ٿيل ميٽنگ ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو. سُني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر ڪالهه واري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي، جنهن سبب ڪاميٽي احسن اقبال، رعنا انصر، راجا پرويز اشرف ۽ ڪامران مرتضيٰ تي مشتمل هڪ سب ڪاميٽي جوڙي ، جنهن جي ذميواري ميمبرن سان ملاقات ڪري کين سُني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن سان ملاقات ڪري اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ جو چيو ويو. سب ڪاميٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق کي ملاقات جي درخواست ڪئي. سب ڪاميٽي جي ميمبرن ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن وچ ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق جي چيمبر ۾ ملاقات ٿي. اسپيڪر اسيمبلي جي چيمبر ۾ ٿيل ملاقات ۾ ذيلي ڪاميٽي جي ميمبرن ۽ بئرسٽر گوهر علي خان شرڪت ڪئي. اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ ڪاميٽي ميمبرن طرفان سني اتحاد ڪائونسل کي ڪاميٽي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پر بئرسٽر گوهر علي خان چيو ته سندس پارٽي جي سياسي ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته هو ڪاميٽي جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪندا. واضح رهي ته آئيني ترميم تحت جيڪڏهن نامزد ڪيل چيف جسٽس عهدو وٺڻ کان انڪار ڪري ٿو ته باقي فهرست ۾ موجود ٻن نالن يعني جسٽس منصور ۽ جسٽس منيب جي نالن تي غور ڪيو ويندو.