جسٽس منيب 63اي نظرثاني ٻڌڻي ۾ نه آيو: بئنچ ۽ ڪاميٽي تي اعتراض: واپس نه آيا ته ٻيو جج ويهارينداسين: حڪمنامو … حڪمنامو غيرقانوني آهي، احتجاج ڪريان ٿو(جسٽس منيب) پگهار ملي ٿي، ڪم بند نٿا ڪري سگهون: چيف جسٽس
آڪٽوبر 1, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جو جج جسٽس منيب 63اي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ۾ نه آيو، رجسٽرار کي خط لکي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ ۽ ججز ڪاميٽي تي اعتراض، آئيني سوال اٿاري ڇڏيا، جسٽس منيب جي نه اچڻ باوجود عدالتي ڪارروائي جاري، حڪمنامي ۾ کيس واپس اچڻ جي درخواست، نه اچڻ تي ٻيو جج بئنچ ۾ شامل ڪيو ويندو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسي رمارڪس ڏنا ته ڪيسز جا فيصلا ڪرڻ لاءِ پگهار ملندي آهي، ڪم بند نٿا ڪري سگهون، جڏهن ته جسٽس منيب جاري ڪيل حڪمنامي تي احتجاج ڪندي حڪمنامي کي غيرقانوني قرار ڏنو. تفصيل موجب آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي کان اڳ جسٽس منيب اختر رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي خط لکيو، جسٽس منيب اختر جي خط جو متن سامهون اچي ويو. خط ۾ جسٽس منيب چيو آهي ته 63 اي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ جوڙيل بينچ ۾ موجوده حالتن ۾ شموليت کان معذرت ڪريان ٿو. منهنجي معذرت کي ڪيس ٻڌڻ کان انڪار نه سمجهيو وڃي. خط مطابق ترميم آرڊيننس تحت بينچز جوڙڻ تي سينيئر جج خط ۾ آئيني سوال اُٿاريا آهن. خط ۾ چيو ويو ته جواب ۾ چيف جسٽس قاصي فائز عيسيٰ خط لکيو پر چيف جسٽس پنهنجي خط ۾ آئيني سوالن جو جواب ناهي ڏنو، خط مطابق پنج رڪني بينچ 23 سيپٽمبر تي ججز ڪاميٽي ۾ ترميم آرڊيننس تحت جوڙي وئي. افسوس جي ڳالهه آهي ته چيف جسٽس جي خط تي هڪ مهم هلي. آرٽيڪل 62 اي نظر ثاني معاملي تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پهرين ڪاميٽي اقليت ۾ هئي. ڪاميٽي جي گذريل ميٽنگ ۾ چيف جسٽس سينيئر جج جي سربراهيءَ ۾ بينچ جوڙڻ جي تجويز ڏني. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هاڻي بينچ جو سربراهه ڇو ٿيو. ڪارڻ سامهون ناهن آيا. جسٽس منيب اختر خط ۾ چيو آهي ته لارجر بينچ ۾ ايڊهاڪ جج جسٽس مظهر عالم ميان خيل کي شامل ڪيو ويو. 19 جولاءِ تي ججز ڪاميٽي ۾ ايڊهاڪ ججز جا معاملا طئي ڪيا ويا هئا. اهو درست آهي ته جسٽس مظهر عالم ميان خيل فيصلو ڏيڻ واري بينچ جو حصو هيو. جسٽس مظهر عالم ميان خيل جي بينچ ۾ شموليت آرٽيڪل 182 جي خلاف ورزي آهي. جسٽس منيب اختر خط ۾ چيو آهي ته 63 اي نظرثاني ٻڌڻي لاءِ جوڙيل بينچ ۾ موجوده حالتن ۾ شموليت ڪرڻ کان معذرت ڪريان ٿو. منهنجي معذرت کي ڪيس ٻڌڻ کان انڪار نه سمجهو وڃي. منهنجو خط 63 اي نظرثاني ڪيس جي فائل جو حصو بڻايو وڃي. بينچ ۾ عدم موجودگيءَ کي غلط نه سمجهيو وڃي.جڏهن ته جسٽس منيب اختر سُپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح واري فيصلي بابت نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي دوران نه آيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رجسٽرار ڏانهن لکيل جسٽس منيب اختر جو خط پڙهي ٻڌايو، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙي خط کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ مناسب ناهي، سٺو ٿئي ها جو جسٽس منيب بئنچ ۾ اچي پنهنجي راءِ ڏئي ها، جج پاران ڪيس ٻڌڻ کان انڪار عدالت ۾ ڪيو ويندو آهي، جسٽس منيب اختر کي بئنچ ۾ واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ٻي صورت ۾ نئين بئنچ جوڙي ويندي، پارليامينٽ جي قانون جي اها نيت ناهي ته آئيني حقن جا فيصلا نه ٿين ۽ سُپريم ڪورٽ اسٽينڊ اِسٽل ٿي وڃي، ڪو ميمبر شامل نٿو ٿيڻ چاهي ته اها سندس مرضي آهي، سُپريم ڪورٽ جو ڪم بند نٿا ڪري سگهون، اسان کي هتي ڪيسز جا فيصلا ڪرڻ جي پگهار ملندي آهي. سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي نظرثاني اپيلن تي عدالتي ڪارروائي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو ويو، حڪمنامي ۾ چيو ويو ته 23 جون 2022 تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن نظرثاني اپيل داخل ڪئي، ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته انور منصور جيڪو هاڻ اٽارني جنرل آهي ان وقت سپريم ڪورٽ بار جو وڪيل هو، حڪمنامي ۾ چيو ويو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته اهو ئي وفاقي حڪومت جي نمائندگي ڪندو، موجوده ۽ اڳوڻو صدر سپريم ڪورٽ بار عدالتي ڪمري ۾ وجود هئا، ايڊووڪيٽ علي ظفر کي باني پي ٽي آءِ پاران دليل ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي، حڪمنامي ۾ چيو ويو ته جسٽس منيب اختر رجسٽرار آفيس کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته هن وقت دستياب ناهي، جسٽس منيب اختر اڄ بئنچ نمبر ٽئي ۾ ڪيسز ٻڌا، ۽ اسان ججز ٽي روم ۾ گڏ به ٿياسين، حڪمنامي ۾ رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي هدايت ڏني وڃي ٿي ته معزز جج جسٽس منيب کي عدالت آرڊر فراهم ڪيو وڃي، رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي هدايت ڪئي وئي ته جسٽس منيب کي درخواست ڪريو ته آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس جي بئنچ ۾ شامل ٿئي، جيڪڏهن بئنچ ۾ شامل نٿو ٿئي ته ججز ڪاميٽي جو اجلاس گهرائي هڪ ٻئي جج کي شامل ڪيو ويندو، ڪيس جي ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تي ٿيندي. ٻڌڻي کانپوءِ جسٽس منيب هڪ ٻيو خط رجسٽرار کي لکيو جنهن ۾ چيو ته هن ٻڌڻي تي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ چاهيان ٿو، هن بينچ جي حڪمنامي جي ڪا به حيثيت ناهي، پنج رڪني لارجر بينچ کي ٻڌڻي ڪرڻي هئي، 4 رڪني بينچ نظرثاني ڪيس نٿي ٻڌي سگهي، حڪمنامو مونکي موڪليو ويو، جنهن ۾ منهنجو نالو آهي پر ان آڏو صحيح ناهي، 4 ججز قابل احترام آهن پر ٻڌڻي قانون موجب ناهي، پنهنجو موقف پهرين خط ۾ بيان ڪري چڪو آهي، احتجاج رڪارڊ ڪرڻ چاهيان ٿو، حڪمنامو جوڊيشل آرڊر ناهي، حڪمنامو غيرقانوني آهي. هوڏانهن چيف جسٽس پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو، ذريعن موجب اجلاس ۾ نئين بئنچ جوڙڻ ۽ جسٽس منيب جي خطن جو معاملو غور هيٺ اچي سگهي ٿو.