ڪارساز حادثي ۾ آءِ جي پيش : انصاف نه ٿيو ته آئون پاڻ عدالت ويندس: گورنر جو اعلان

آگسٽ 23, 2024

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ۽ عرفان شاهه ) سنڌ جي گورنر  ڪامران ٽسوري چيو آهي ته ڪارساز حادثي ۾ انصاف ٿيندي نظر نه آيو ته آئون گورنر جي حيثيت سان وارثن سان گڏ عدالت ويندس. ڪالهه اسڪيم 33 ۾ ڪارساز حادثي ۾ فوت ٿيل پيءَ ڌيءَ جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪير به طاقتور هجي پر اهو الله تعالي جي پڪڙ کان بچي نٿو سگهي، ڪارساز حادثي ۾ ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين، وڪيلن سان رابطي ۾ رهنداسين، چيف جسٽس کي اپيل ڪندس ته هو پاڻ ڪيس کي مانيٽر ڪري، ڪٿي انصاف ٿيندي ٿيندي رهجي نه وڃي، هوڏانهن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست تي حلف نامو جمع ڪرائي ڇڏيو, حلف نامو جمع ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي پوليس چيو ته عدالت جبران ناصر جي توهين عدالت واري درخواست تي بيان حلف نامو جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، هن چيو ته ميڊيا نتاشا واري ڪيس کي تمام گهڻو مانيٽر ڪري رهي آهي، ڪالهه ڪارساز ڪيس ۾ پوليس پاران نتاشا جي ضمانت جي مخالفت ڪئي وئي، هن چيو ته پوليس گڏ ڪيل ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا آهن، جيڪڏهن پوليس تي ڪو دٻاءُ هجي ها ته پوليس جو رويو بدلجي وڃي ها، انهي ڪيس جو ميرٽ تي چالان پيش ڪيو ويندو، هن واضح  ڪيو ته   نتاشا کي پيش ڪرڻ وقت ڪو به پروٽوڪول ناهي ڏنو  ويو، مرد ۽ عورت جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو عمل الڳ الڳ آهي، هن چيو ته هن ڪيس ۾ اهم ثبوت ڪيميائي رپورٽ آهي،  جيڪو ڏوهه ڪيو ويو آهي اهو هڪ حادثو آهي, ان حوالي سان سمورا ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته ريمانڊ لاءِ ٻيهر عدالت سان رجوع ڪنداسين آءِ جي سنڌ پريا ڪماري جي بازيابي جي حوالي سان چيو ته پريا ڪماري ڪيس ۾ ڪجهه ليڊز ( اشارا) آهن پر هن وقت انهن کي ظاهر نٿو ڪري سگهجي, اسان پريا ڪماري جي خاندان کي  مهلت ڏيڻ لاءِ چيو آهي

Leave A Comment