ڪي اليڪٽرڪ ۽ سنڌ سرڪار ۾ دنگل: سوا 9 ارب جون رهتون ظاهر: بجلي ڪاٽڻ جو چتاءُ
مَي 27, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي بِلن جي مد ۾ سوا 9 ارب رپين جون رهتون ادا نه ڪيون، ڪي اليڪٽرڪ پاران رهتون ادا نه ڪندڙ سرڪاري ادارن جي بجلي بند ڪرڻ جي ڌمڪي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ سرڪار پاران ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگھي لوڊشيڊنگ تي ڪي اليڪٽرڪ تي تنقيد ڪرڻ بعد ڪي اليڪٽرڪ وري سنڌ حڪومت جي مختلف ادارن ڏانهن 9 ارب 20 ڪروڙ رپين جي رهتن وارو معاملو سامهون آڻي ڇڏيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي اختيارين سنڌ جي توانائي ۽ ناڻي کاتن جي سيڪريٽرين کي خط لکي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ سميت ٻين سرڪاري ادارن ڏانهن بجلي بلن جي مد ۾ رهيل 9 ارب 20 ڪروڙ رپين جون بقايائون جمع ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته ڪراچي واٽر بورڊ سميت مختلف ادارن جنوري کان وٺي بجلي بِلن جون ادائگيون ناهن ڪيون، وقت سر ادائگيون نه ٿيڻ سبب ڪي اليڪٽرڪ ۾ مالي بحران پيدا ٿي ويو آهي، جنهن سبب بجلي جي نيٽ ورڪ جي مينٽيننس (مرمت) ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. خط ۾ چتاءُ ڏيندي لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي مختلف ادارن سوا 9 ارب رپين کان وڌيڪ جون رهتون فوري طور ادا نه ڪيون ته باقيدار ادارن جا ڪنيڪشن ڪاٽڻ سان گڏ شهر جي بجلي بند ڪئي ويندي.