ڪي پي جو ضلعو ڪرم جنگ جو ميدان، 5 ڏينهن اندر 35 ڄڻا قتل، سوين زخمي

جُولاءِ 29, 2024

پشاور ( م ڊ ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو مسلسل پنجين ڏينهن به جاري آهي، چڪرين دوران هنيئر تائين 35 ڄڻا مارجي چڪا آهن. پوليس موجب، ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جيهڙو ٿيو جنهن کانپوءِ مختلف علائقن ۾ چڪريون شروع ٿي ويون آهن. ذريعن موجب، چڪرين ۾ هنيئر تائين 35 ڄڻا مارجي چڪا آهن جڏهن ته سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارا چنار ۽ صده شهر تي به ڪيترائي ميزائل فائر ڪيا ويا آهن جڏهن ته متاثر علائقن ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري موجود آهي. ايم اين اي انجينيئر حميد حسين جو چوڻ آهي ته قبيلائي تڪرار سبب اسپتال ۽ مارڪيٽ ۾ دوائون ختم ٿي ويون آهن، ايم پي اي علي بادي عرفاني مطالبو ڪيو ته حڪومت علائقي ۾ ترت فائربندي لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي امن بحال ڪرائي. ٻئي طرف علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون جنهن ۾ ڌرين جنگبندي ڪرڻ تي  راضپو ظاهر ڪيو. ويڙهه بند ٿيڻ بعد امن قائم ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ پيراملٽري فورس مقرر ڪئي ويندي.

Leave A Comment