ڪنڌرا ڀرسان مدرسي ۾ کٿابي ٻالڪ وحشياڻي تشدد ۾ فوت، مولوي تي الزام
آگسٽ 8, 2024
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) ڪنڌرا ڀرسان مولوي جي مبينا تشدد ۾ 8 ورهين جو کٿابي ٻالڪ فوت، وارثن پاران مولوي تي معصوم ٻار کي لٺين سان سخت تشدد ڪرڻ جو الزام. پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪنڌرا لڳ ڳوٺ حاجي نواب جاگيراڻي ۾ مدرسي ۾ پڙهندڙ 8 ورهين جو ٻالڪ تنوير پٽ بشير جاگيراڻي مبينا مولوي جي تشدد ۾ فوت ٿي ويو، ٻالڪ جي ڏاڏي محبوب جاگيراڻي الزام مڙهيندي چيو ته سندس معصوم پوٽي تنوير جاگيراڻي کي مولوي نويد جاگيراڻي لٺين سان سخت تشدد ڪري ماريو آهي، هن ٻڌايو ته وحشياڻي تشدد جي نتيجي ۾ ٻالڪ جي طبيعت سخت خراب ٿي پئي، جنهن کي پهريان ڪنڌرا اسپتال ۽ بعد سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جِتان خيرپور اسپتال انتظاميا حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ تي گمس اسپتال منتقل ڪيو، جِتي ٻالڪ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻالڪ جي تدفين ڪرڻ بعد اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو، هن ايس ايس پي سکر کان نوٽيس وٺي مولوي کي گرفتار ڪري مٿس قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
مولوي ۽ وارثن جا بيان ورتا آهن، جاچ ڪئي پئي وڃي: پوليس
سکر: رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڪنڌرا نذير منگي جو چوڻ هو ته واقعو پهرين آگسٽ جو آهي، اسان کي به اطلاع مليو آهي ته ٻالڪ مولوي جي تشدد ۾ فوت ٿيو آهي پر اطلاع نينگر جي وارثن مان ڪنهن به ناهي ڏنو، اطلاع ملڻ تي الزام هيٺ آيل مولوي، نينگر جي وارثن، توڙي علائقي واسين جا بيان قلمبند ڪرڻ توڙي جاچ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ٻالڪ جي ميڊيڪل هسٽري توڙي سمورا تفصيل گڏ ڪرڻ ۽ جاچڻ کانپوءِ ئي اِن ڪيس جي حوالي سان ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي ۽ نه ئي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مولوي توڙي لاڳاپيل ڌرين کي ٿاڻي تي طلب ڪري انهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، وڌيڪ ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي