ڪنڌڪوٽ ۾ گولا برادري پاران مغوين جي بازيابيءَ لاءِ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل
مارچ 27, 2024
ڪنڌڪوٽ ۾ گولا برادري پاران مغوين جي بازيابيءَ لاءِ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، مظاهرين پاران در محمد گولو، گل محمد گولو ۽ ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ گولا موڙ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين چيو ته مغوين جي بازيابي ۽ بدامني تي ضابطي ۾ پوليس ناڪام ٿي چڪي آهي، مغوين جي بازيابيءَ تائين احتجاج جاري رهندو