ڪنڌڪوٽ: اغوا ٿيل 5 بينڪ ملازمن جي بازيابيءَ لاءِ انڊس هاءِ وي تي 7 ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم
مَي 11, 2024
ڪنڌڪوٽ جي دڙي اسٽاپ ويجهو اغوا ٿيل 5 بينڪ ملازمن جي بازيابيءَ لاءِ انڊس هاءِ وي تي 7 ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم
ڌرڻي ۾ مغوين جا وارث، سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ ۽ شهري شريڪ ٿيا، اي ايس پي عتيق الرحمان ڌرڻي واري هنڌ پهچي 4 ڏينهن اندر مغوين جي بازيابي جي خاطري ڪرائي
اي ايس پي جي خاطرين تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو، مظاهرين ۽ اڳواڻن چيو ته بينڪ ملازمن جي اغوا کي هڪ مهينو گذري ويو آهي پوليس سندن بازيابيءَ لاءِ ڪو قدم نه کنيو آهي
ڌاڙيل مغوين تي ظلم ڪري رهيا آهن، مغوين جي بازيابيءَ لاءِ 80 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، 4 ڏينهن اندر مغوي بازياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيهر ڌرڻو هڻڻ جو چتاءُ