ڪنڌڪوٽ: پوليس تشدد ۾ زخمي نوجوان فوت، وارثن جو 15ڪلاڪ ڌرڻو، ايس ايچ او ۽ 4 اهلڪار معطل
آگسٽ 19, 2024
ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران علي کوسو) ڪنڌڪوٽ پوليس جي مبينا تشدد ۾ زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿيل عمران عرف پپو بھلڪاڻي جي وارثن ايس ايچ او اي سيڪشن رفيق کيڙو، سندس گن مين ۽ ٻين پوليس اھلڪارن تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ دبئي هوٽل وٽ انڊس ھاءِ وي تي 15ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو جنهن سبب سنڌ کان ٻين صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، نوجوان عمران عرف پپو بھلڪاڻي جي ڀاءُ آصف بھلڪاڻي، حبيب الله بھلڪاڻي، صوفي ميان بخش، دلمراد ڏاھاڻي، ڪامريڊ عباس، جسقم اڳواڻ والي ڏنو سنڌي سميت بھلڪاڻي برادري جي سوين ماڻھن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، نوجوان جي ڀاءُ آصف بھلڪاڻي ۽ ٻين چيو ته پوليس اسان جي نوجوان کي رستي ويندي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ بنا جواز قيد ڪري آزاد ڪرڻ لاءِ 7 لک رپيا گهريا، رقم نه ڏيڻ تي ايس ايچ او رفيق کيڙو ۽ ٻين پوليس اھلڪارن نوجوان عمران عرف پپو بهلڪاڻي تي تشدد ڪيو، ڊرل مشين سان سوراخ ڪيا ۽ سگريٽ جا ڏنڀ ڏنا، نوٽيس وٺي جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي، ڊي ايس پي اصغر شاھه مظاھرين وٽ پھچي ڳالھيون ڪيون، ڊي ايس پي اصغر شاهه چيو ته ايس ايچ او اي سيڪشن رفيق کيڙو ۽ ملوث اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، نوجوان عمران عرف پپو بهلڪاڻي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو، معاملي جي شفاف انڪوائري ڪئي ويندي، انڪوائري ڪميٽي ۾ اي ايس پي عتيق الرحمان ۽ هو پاڻ شامل آهي، واضح رهي ته نوجوان عمران عرف پپو بهلڪاڻي جي 8مهينا اڳ شادي ٿي هئي.
کنڀيل ٻن نوجوانن جي اڃا تائين پوليس گرفتاري ظاهر نه ڪئي
ڪنڌڪوٽ: هڪ هفتو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان نوجوان عمران عرف پپو بهلڪاڻي، محمد بخش بهلڪاڻي ۽ بخت بهلڪاڻي کي موٽرسائيڪل جا ڪاغذ نه هئڻ تي گرفتار ڪرڻ بعد وارثن کان 7 لک رپيا گهريا ويا هئا، نه ڏيڻ تي مٿن تشدد ڪيو ويو، گرفتار ڪيل ٻن ڄڻن محمد بخش بهلڪاڻي ۽ بخت بهلڪاڻي جي اڃا تائين گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي، وارثن پاران خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته گرفتار ڪيل ٻنهي ڄڻن کي به تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ون فائيو پوليس ٽنهي ڄڻن کي فحاشي جي اڏي تان گرفتار ڪرڻ بعد اي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو، اي سيڪشن پوليس وارثن کان آزادي لاءِ رشوت گهري هئي.
بااثرن جي معرفت معاملو ڏيتي ليتي ذريعي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز
ڪنڌ ڪوٽ: ذريعن موجب پوليس پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائڻ لاءِ راڄوڻي رستو به اختيار ڪيو آهي، بااثرن جي معرفت معاملو ڏيتي ليتي ذريعي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، متاثر ڌر تي بااثرن جو زور پڻ وڌو ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد پوليس تي تنقيد
ڪنڌ ڪوٽ: پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل عمران عرف پپو بھلڪاڻي واقعي سوشل ميڊيا تي پوليس گردي خلاف ڪافي تعداد ۾ پوسٽون رکيون ويون آهن جنهن ۾ ايس ايچ او رفيق کيڙو ۽ سندس ساٿين اھلڪارن کي قاتل قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ويو ته فوري ملوث جوابدارن جون نوڪريون ختم ڪري قتل جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي.
ڪنڌڪوٽ: ايس ايچ او رفيق کيڙو اڃا تائين اي سيڪشن ٿاڻي تي مقرر ٿيل
ڪنڌڪوٽ: عمران عرف پپو بھلڪاڻي جو پوليس تشدد ۾ قتل واقعي جون ميڊيا ۾ خبرون ھلڻ جي باوجود پوليس انتظاميا ڪا به محڪماڻي ڪارروائي نه ڪئي، ايس ايچ او واقعي باوجود اي سيڪشن ٿاڻي تي مقرر آهي، جڏھن ته ايس ايچ او ۽ اھلڪارن خلاف اڃا تائين ڪارروائي نه ٿي سگهي.
الزام هيٺ آيل ايس ايچ او بنا ٻڌائڻ جي ڳوٺ لاڙڪاڻي روانو
ڪنڌڪوٽ: ذريعن وٽان اهو معلوم ٿيو آهي ته ايس ايچ او اي سيڪشن رفيق کيڙو بنا موڪل جي ڳوٺ لاڙڪاڻي طرف روانو ٿي ويو، ذريعن اهو ٻڌايو آهي ته جئين ئي ايس ايچ او اي سيڪشن رفيق کيڙو کي اها خبر پئي ته نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي ته رات جو ئي پنهنجي گن مين سميت گاڏي تي چڙهي ڳوٺ روانو ٿي ويو، ذريعن موجب، نوجوان پپو بهلڪاڻي تي تشدد جي الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار به پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا.