ڪنڊياري جي تاريخي پيتامبر هاسٽل بچائڻ لاءِ رابطن جو فيصلو

آگسٽ 1, 2024

ڪنڊيارو (ن پ ا) سيشن جج نوشھرو فيروز نديم بدر قاضي 1936ع ۾ قائم ڪيل هاءِ اسڪول ۽ تاريخي پيتامبر هاسٽل جي زبون حالي جو شڪار ٿيڻ واري اطلاع تي دورو ڪيو، سيشن جج سيشن جج تاريخي پيتامبر هاسٽل جو معائنو ڪيو ۽ تاريخي هاسٽل جي زبون حالي تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي ڪم تي افسوس جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالرشيد سومرو سيشن جج کي ٻڌايو ته سال 1940 ۾ جوڙيل شھر جي هاسٽل هڪ شاهڪار هجڻ سان گڏ تاريخي عمارت آهي، گذريل ڏھن سالن کان وقت سر مرمت نه ٿيڻ سبب زبون حالي جو شڪار ٿيندي پئي وڃي، خاص ڪري گذريل برساتن ۾ هاسٽل جي عمارت کي سخت نقصان رسيو آھي، عمارت جي فوري طور تي مرمت جي سخت ضرورت آھي، جنهن تي سيشن جج چيو ته هاسٽل کي بچائڻ جي ضرورت آهي، اسان مٿي لکنداسين ته فوري طور تي هن جي مرمت ڪرائي وڃي.

Leave A Comment