ڪراچي ايئرپورٽ وٽ پرڏيهين جي قافلي تي دهشتگرد حملو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 10 زخمي
آڪٽوبر 7, 2024
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ وٽ پرڏيهين جي قافلي تي دهشتگرد حملي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا. پابندي پيل بي ايل اي حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي. ايئرپورٽ ٻاهران قافلو اچي رهيو هو ته سگنل وٽ زور دار ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب گاڏين کي باهه لڳي وئي. پوليس ۽ ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو، 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ 4 پوليس ۽ 2 رينجرز اهلڪار ۽ هڪ پرڏيهي شهري به شامل آهي. هڪ عورت به زخمين ۾ شامل آهي. ڌماڪي سبب ٻن گاڏين ۽ ٻن موٽر سائيڪلن کي باهه لڳي وئي، ڌماڪو ايترو شديد هو جو ان جو آواز ڊفينس، قيوم آباد ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ تائين ٻڌو ويو. پوليس، رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون، گاڏين کي لڳل باهه فائر برگيڊ علمي پهچي وسائي. ابتدائي طور ٻڌايو ويو ته ڌماڪو آئل ٽينڪر ڦاٽڻ سبب ٿيو. پوليس موجب ڌماڪي جا اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا، ڌماڪو حادثو آهي يا دهشتگردي جو نتيجو اهو پتو جاچ بعد پوندو. ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڌماڪي جي نوعيت معلوم ڪئي وڃي. جڏهن ته صوبائي گهرووزير ضياءُ الحسن لنجار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پرڏيهين جي قافلي تي دهشتگرد حملو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته ڌماڪي وقت پرڏيهين جو قافلو گذري چڪو هو. پرڏيهين جي سيڪورٽي فول پروف بڻائي وئي آهي. زخمي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. گهرووزير واردات واري جاءِ تي پهچي معائنو ڪيو ۽ بريفنگ ورتي. ٻئي طرف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪري ورتي.