ڪراچي ايئر پورٽ ڌماڪو: ماسٽر مائينڊ ۽ عورت سوڌو 4 سوگها: يونيورسٽي شاگرد به ملوث آهن: گهرو وزير

نومبر 12, 2024

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته يونيورسٽين جا شاگرد دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ استعمال ٿي رهيا آهن، پابندي مڙهيل تنظيمون کين استعمال ڪن ٿيون. ڪالهه سي پي او ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو چيني شهرين تي حملي ۾ ملوث ماسٽر مائينڊ سوڌو 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ هڪ عورت ۽ رڪشا ڊرائيور شامل آهن. هنن چيو ته ايئرپورٽ ويجهو ٿيل حملي ۾ 2 چيني انجينئر ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا هئا، جڏهن ته 11 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. ڌماڪي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي قبول ڪئي هئي. شروعاتي جاچ ۾ واقعي واري هنڌان آپگهاتي بمبار جو هٿ ۽ جسم جا ٻيا حصا مليا هئا. جنهن مان آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ فهد شاهه جي نالي سان ٿي هئي. هن چيو ته دهشتگردن حملي ۾ استعمال ٿيل گاڏي ڪراچي جي هڪ شوروم تان 71 لک رپين ۾ خريد ڪئي، گاڏيءَ جي خريداريءَ لاءِ رقم حب جي هڪ بينڪ مان فيصل علي نالي شهري َ جي اڪائونٽ مان ٽرانسفر ٿي. ايڪسائيز جي رڪارڊ موجب فرحان ۽ شريف نالي ماڻهو گاڏيءَ جي خريداريءَ ۾ شامل هئا. آپگهاتي بمبار گاڏي ڪاهي حب واري علائقي ۾ وڃي گاڏيءَ اندر ڌماڪيدار مادو رکيو. ڌماڪيدار مادي ۾ آر ڊي ايڪس ۽ پينٽ نالي ڪيميڪل شامل هو جنهن جو وزن تقريبن 30 کان 40 ڪلو هو. اهو ڪيميڪل جرمني ۾ ٻي مهاڀاري جنگ دوران استعمال ٿيو هو، هنن چيو ته دهشتگرد ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ وقت چيڪنگ کان بچڻ لاءِ گاڏيءَ ۾ هڪ عورت کي به ويهاريو هو، گلنساءَ نالي سهولتڪار عورت کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. گهرو وزير چيو ته واقعي جو ماسٽر مائينڊ جاويد سمورا معاملا پاڻ ڏسندو رهيو. هن ئي ايئرپورٽ ۾ داخل ٿي آپگهاتي بمبار کي چيني شهرين جي ٻاهر نڪرڻ جو اطلاع ڏنو. هن چيو ته آپگهاتي بمبار جي جاري ٿيل وڊيو فريئر هال ويجهو رڪارڊ ڪئي وئي هئي، جيڪا پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر کي موڪلي وئي،  9 وڳي دهشتگرد ايئرپورٽ ويجهو پهتا، جن مان هڪ دهشتگرد آپگهاتي بمبار سان گڏ رهيو، جيڪو بعد ۾ گاڏيءَ مان لهي فرار ٿي ويو، هن چيو ته دهشتگرد جاويد کي وندر واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. ضياءَ الحسن لنجار چيو ته گل رحمان نالي هڪ شخص پابندي مڙهيل تنظيم کي هيڊ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته  بشير زيب نالي هڪ شخص پرڏيهه ۾ ويهي تنظيم کي آپريٽ ڪري رهيو آهي. واقعي ۾ ملوث ٻين سهولتڪارن جي گرفتاريءَ لاءِ به ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته آپگهاتي بمبار جو ماضيءَ ۾ ڪوبه ڪرمنل رڪارڊ ناهي رهيو، پابندي مڙهيل تنظيمون نوجوانن جو ذهن خراب ڪري کين دهشتگرديءَ ۾ استعمال ڪري رهيون آهن. انهي واقعي جي جاچ دوران ڪراچي ۽ بلوچستان جي يونيورسٽين جي شاگردن جي   دهشتگردي جي ڪارواين  ۾ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جن جو ماضيءَ ۾ ڪوبه ڪرمنل رڪارڊ موجود ناهي. شاگردن بابت يونيورسٽيز جي وائيس چانسلرن ۽ تنظيمن کي سوچڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جي ثقافت آهي ته عورت جو احترام ڪيو ويندو آهي، دهشتگردن عورت کي دهشتگردي واقعن ۾ استعمال ڪري ڪريل حرڪت ڪئي آهي. گهرو وزير پاران اهم ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ تي سي ٽي ڊي ٽيم لاءِ 5 ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان به ڪيو، جڏهن ته سندن نالا قائداعظم ميڊل ۽ پاڪستان پوليس ميڊل لاءِ موڪلڻ جي به سفارش ڪئي آهي

دهشتگردن عورت کي دهشتگردي واقعن ۾ استعمال ڪري ڪريل حرڪت ڪئي: لنجار

ڪراچي: گهر وزير چيو ته سنڌ جي ثقافت آهي ته عورت جو احترام ڪيو ويندو آهي، دهشتگردن عورت کي دهشتگردي واقعن ۾ استعمال ڪري ڪريل حرڪت ڪئي آهي

ڌاڙيلن خلاف آپريشن کي ٽوڙي مروڙي محنت ضايع نه ڪريو: لنجار

ڪراچي: گهرو وزير چيو ته ڪچي ۾ آپريشن هلي رهيو آهي پر انهي آپريشن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن ڪو صحافي پنجاب پوليس هٿان گرفتار ٿيو آهي ته آءِ جي کي سندس معاملي کي ڏسڻ لاءِ چوان ٿو هن چيو ته ڪچي ۾ هلندڙ آپريشن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري پوليس جي ڪوششن کي ضايع نه ڪريو

ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر واقعي ۾ پوليس ڪامياب ٿي: عدالتي جاچ لاءِ لکيو آهي: لنجار

ڪراچي: گهرو وزير چيو ته عمرڪوٽ واقعو پوليس جي سڪسيس اسٽوري آهي، هاڻي اهو ڪيس ايف آءِ اي کي ٽرانسفر ٿي ويو آهي، مون سنڌهاءِ ڪورٽ جي  چيف جسٽس کي جوڊيشل انڪوائري لاءِ لکيو آهي

Leave A Comment