ڪراچي جي علائقي ڪورنگي مان ڀارتي ڳجهي اداري را سان واسطو رکندڙ 2 دهشتگرد گرفتار

مَي 7, 2024

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي مان ڀارتي ڳجهي اداري را سان واسطو رکندڙ 2 دهشتگرد گرفتار، ايس ايس پي ڪورنگي چيو آهي ته پوليس ۽ حساس ادارن جي اهلڪارن گڏيل ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ڪندي دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻايو، دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 2 هاءِ پروفائل دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا، سندن قبضي مان 2 هينڊ گرنيڊ، پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون، جوابدارن جاچ دوران پوليس کي ٻڌايو ته پرڏيهه مان مليل ٽارگيٽ جي ريڪي ڪندا هئا، اُن جون تصويرون ۽ ٻيا تفصيل پرڏيهه اُماڻيا ويندا هئا

Leave A Comment