ڪراچي بگٽي دنگل: نواب اڪبر جي زخمي ڀاڻج سميت 19گرفتار: دهشتگردي ڪيس داخل

جُولاءِ 27, 2024

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس جي نشاط ڪمرشل ۾ بلوچستان جي اڳوڻي وزيراعليٰ نواب اڪبر بگٽي جي ڀائٽين ۽ ڀاڻيجن ۾ ٿيل خوني جھيڙي واري  واقعي ۾ اڪبر بگٽي جي زخمي ڀاڻج سميت 19ڄڻا گرفتار، نوابزاده فهد بگٽي سميت 5 ئي مقتولن ۽ ٻن زخمين ۽ نامعلوم جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، ان ڏس ۾ خميس  ۽ جمعي جي وچ واري رات جو  پوڻا 11 هين وڳي ڊفينس جي خيابانِ نشاط واري علائقي ۾ فهد بگٽي گروپ ۽ علي حيدر بگٽي گروپ جي ماڻهن وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران فهد بگٽي گروپ مان نواب اڪبر بگٽي جو ڀائٽيو فهد بگٽي ۽ 35 سالن جو نصيب الله بگٽي مارجي ويا، فهد بگٽي اڳوڻي وفاقي وزير احمد نواز جو پٽ هو. جڏهن ته مير علي حيدر بگٽي گروپ جا 3 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويل ٽنهي ڄڻن ۾ مير علي حيدر بگٽي جا 2 پٽ مير ميثم بگٽي، مير عيسيٰ بگٽي ۽ سندن گارڊ علي شامل آهن. فائرنگ ۾ مير علي حيدر بگٽي ۽ سندس ساٿي قائم علي قادر زخمي ٿي پيا، زخمي ٿيل علي حيدر بگٽي نواب اڪبر بگٽي جو ڀاڻج ۽ اڳوڻي ايم اين اي غلام حيدر جو ڀاءُ آهي. واقعي بعد پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 17 جوابدارن کي گرفتار ڪري ننڍا ۽ وڏا هٿيار هٿ ڪري ورتا، جڏهن ته  اسپتال ۾ علاج هيٺ نواب اڪبر بگٽي جي ڀاڻج علي حيدر بگٽي ۽ قائم علي قادر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري واضح ڪيو ته جوابدارن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. هوڏانهن پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي چيو ته بگٽين ۾ ڪجهه عرصي کان تڪرار هلندڙ هو، اسان کي ڪجهه شاهديون مليون آهن، جاچ مڪمل ڪرڻ بعد آگاهي ڏينداسين، ڪيس سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي ،  ڇاڪاڻ ته مستقل ۾ ڌريون پاڻ ۾ ٺهي وڃن ته به جوابدارن کي سزا ملي سگهي، هن چيوته بگٽين شهر جو امن خراب ڪيو کين سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته هٿيارن جي نمائش خلاف ڪم ڪريون پيا پر بلوچستان مان جيڪي ماڻهو ايندا آهن، انهن سان ليويز اهلڪار گڏ هجن ٿا، هاڻي هٿيارن جي نمائش ڪندڙ ليويز اهلڪارن بابت به پاليسي جوڙي ويندي. هن چيو ته نشاط ۾ جهيڙيندڙ خاندان ڪرمنل خاندان ناهي، هڪ تڪرار تان جهيڙو ٿيو، زخمين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف درخشان ٿاڻي تي مارجي ويل 5 ڄڻن سميت 9 کان 10 نامعلوم جوابدارن خلاف سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ دهشتگردي، قتل ۽ قتل جي ڪوشش جا قلم شامل ڪيا ويا. فريادي سب انسپيڪٽر ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ته رات 10 لڳي 55 منٽن تي بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو، جنهن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته  2 زخمي ٿيا، ڌرين ۾ پراڻي دشمني هلي رهي هئي، انهن هڪٻئي تي شديد فائرنگ ڪئي، فائرنگ سبب علائقي ۾ هراس پکڙجي ويو آهي. پوليس موجب ڪيس داخل ڪرڻ بعد باضابطه طور جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جھيڙي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو

علي حيدر 2 گاڏين ۾ پهچي  فهد کي ٽڪر هنيو: ڊي آءِ جي

ڪراچي: فهد بگٽي سميت  5 ڄڻن جي مارجي وڃڻ واري واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي ويا، فوٽيج ۾ هٿياربند گاڏين مان لهندي ۽ فائرنگ ڪندي نظر اچي رهيا آهن، ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب فهد بگٽي گروپ جي دعويٰ آهي ته  علي حيدر بگٽي ۽ سندس هٿياربندن سندن گهر آڏو حملو ڪيو ۽ کين پنهنجي دفاع ۾ جوابي فائرنگ ڪرڻي پئي، هوڏانهن علي حيدر بگٽي جي ڌر جو چوڻ آهي ته اڳرائي فهد بگٽي گروپ پاران ڪئي وئي، ڊي آءِ جي اسد رضا جو چوڻ هو ته جاچ ڪندڙن پاران علي حيدر گروپ جي ڌر کان سوال ڪيو ويو ته اهي مقتول فهد بگٽي جي نشاط ڪمرشل واري رهائشگاهه تي ڇو ويا؟ ڊي آءِ جي اسد رضا موجب سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ نظر اچي ٿو ته فهد بگٽي پنهنجن هٿياربند گارڊز سان گڏ گهر مان نڪري ٻن لگزري گاڏين ۾ اچي ويٺو، علي حيدر بگٽي پنهنجن پٽن ۽ هٿياربند گارڊز سان هڪ گاڏي ۾ سوار ٿي پهتو، سندن گاڏي فهد بگٽي جي گاڏيءَ کي ٽڪر هنيو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن وچ ۾ ڇتي فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو، ڊي آءِ جي اسد رضا موجب خوني جهيڙو فهد بگٽي جي گهر جي گيٽ ويجهو پيش آيو،  فهد بگٽي جي هٿياربندن پاران شروع ۾ علي حيدر بگٽي جي گاڏيءَ جي کاٻي پاسي تي فائر ڪيا ويا، انهي مان لڳي ٿو ته علي حيدر بگٽي تي سڌي فائرنگ نه ڪئي وئي.

علي حيدر گهر تي حملو ڪيو: (فهد بگٽي ڌر )، فهد بگٽي گروپ اڳرائي ڪئي: علي حيدر

ڪراچي : ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب فهد بگٽي گروپ جي دعويٰ آهي ته  علي حيدر بگٽي ۽ سندس هٿياربندن سندن گهر آڏو حملو ڪيو ۽ کين پنهنجي دفاع ۾ جوابي فائرنگ ڪرڻي پئي، هوڏانهن علي حيدر بگٽي جي ڌر جو چوڻ آهي ته اڳرائي فهد بگٽي گروپ پاران ڪئي وئي،

جوابدارن جي بلوچستان فرار ٿيڻ جو خدشو: سرحدن تي سيڪيورٽي الرٽ

ڪراچي:  ڪراچي ۾ بگٽي برادري جي خوني جهيڙي ۾ ملوث جوابدارن جي بلوچستان فرار ٿيڻ جي خدشي سبب بين الصوبائي سرحدن تي سيڪيورٽي  کي الرٽ ڪيو ويو آهي

گهرو وزير جا حڪم هوا ۾ اڏامي ويا* بگٽي ويڙهاند ۾ جديد هٿيارن جو استعمال * ڪراچي پوليس چيف پاران سوال گول

ڪراچي: گهرو وزير جا حڪم هوا ۾ اڏامي ويا، صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو هجڻ باوجود نه رڳو هٿيارن جي نمائش جاري آهي پر نشاط ڪمرشل ۾ جديد هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو. بلوچستان جي اهم شخصيتن جي ويگو گاڏين جي ڊالي ۾ هٿياربند گارڊ نه صرف چوڪيون ڪراس ڪري ڪراچي پهچن ٿا پر اهي هٿيارن جو آزاداڻي نموني استعمال به ڪن ٿا. نشاط ڪمرشل ۾ ڳرن هٿيارن سان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا. جڏهن ايڊيشنل آءَ جي ڪراچي کان هٿيارن جي نمائش وارو سوال ڪيو ويو ته هن اهو سوال گول ڪري ڇڏيو

Leave A Comment