ڪراچي مان بس اڏا شھر کان ٻاھر منتقل ڪرڻ ۽ مسافرن لاءِ مفت شٽل سروس هلائڻ جو فيصلو

آگسٽ 7, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ سرڪار  پاران  ڪراچي مان سمورا بس اڏا شھر کان ٻاھر منتقل ڪرڻ ۽ مسافرن کي مفت شٽل سروس فراھم ڪرڻ جو فيصلو، ان حوالي سان ڪالهه سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي بابت هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي پوليس چيف، ڪمشنر ڪراچي،  ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سمورن بس اڏن کي ڪراچي شھر کان ٻاھر منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪراچي بس ٽرمينل ۾ مسافرن لاءِ وڌيڪ جديد سھولتون فراھم ڪيون پيون وڃن، مسافرن کي پراڻن بس اڏن ڪينٽ اسٽيشن، صغير شھيد روڊ، ايم اي  جناح روڊ ۽ الڪرم اسڪوائر کان ٽرمينل تائين پهچائڻ لاءِ 14آگسٽ کان مفت  شٽل سروس ھلائي پئي وڃي، هن چيو ته ھيوي گاڏين سبب ڪراچي جي شھرين کي مشڪلاتن جو منھن ڏسڻو پوي ٿو، روڊن تي به دٻاءُ وڌي ٿو، سينيئر صوبائي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ڪراچي جي شھرين ۽ مسافرن کي ڪنھن به قسم جي تڪليف يا پريشاني جو منھن ڏسڻو نه پوي، سمورن اسٽيڪ ھولڊرز جي مفادن جو خيال رکندي قدم کنيا وڃن. ھن چيو ته اھڙن قدمن کي يقيني بڻايو وڃي جيئن ٽرانسپورٽرن جو به نقصان نه ٿئي ۽ مسافرن کي به رليف ملي سگھي، مسافرن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪراچي بس ٽرمينل تي پوليس جي چوڪي پڻ قائم ڪئي پئي وڃي.

Leave A Comment