ڪراچي(رپورٽ : فقيرسليم) پاڪستان ڊفينس آفيسرز هائوسنگ اٿارٽي ڪراچي جي وسندي ھاڪس بي ۾ ڊي ايچ اي جي توسيع لاءِ 6000 ايڪڙ زمين گھري ورتي، نگران حڪومت کي زمين ڏيڻ لاءِ ڏنل درخواست تي پ پ سرڪار ڪاغذي ڪم شروع ڪري ڇڏيو
ان ڏس ۾ پنهنجي اخبار کي مليل دستاويزن موجب 18 ڊسمبر 2023 تي پاڪستان ڊفينس آفيسرز ھائوسنگ اٿارٽي ڪراچي (ڊي ايچ اي ڪراچي) جي ايڊمنسٽريٽر راڻا شهزاد شفي سنڌ جي تڏهوڪي نگران وڏي وزير کي ڏنل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته سنڌ حڪومت ڊي ايچ اي ڪراچي کي وقت بوقت مختلف رٿائن لاءِ زمين الاٽ ڪندي رهي آهي، اها زمين شهيدن جي خاندانن ۽ فوجي آفيسرن کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪتب ايندي آهي
تازو ڊي ايچ اي ڪراچي ۽ ڊي ايچ اي سٽي کي الڳ ڪرڻ سبب اسان کي ڪراچي ۾ وڌيڪ زمين جي ضرورت پئجي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڊي ايڇ اي ڪراچي کيھاڪس بي ايريا واري پاسي 5 يا 6 ھزار ايڪڙ زمين ليز ڪئي وڃي ته جيئن اتي ھائوسنگ اسڪيم جوڙي ھٿياربند فورس ۽ شھيدن جي فيمليز جي مدد ڪري سگهجي
اهڙي درخواست تي نگران وڏي وزير جسٽس مقبول باقر 30 جنوري 2024 تي بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر کي خط لکي ڊفينس ھائوسنگ اٿارٽي جي ڏنل درخواست تي زمين الاٽ ڪرڻ لاءِ قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ھئي
پ پ حڪومت اچڻ بعد روينيو کاتي پاران 30 اپريل تي وڏي وزير جي ڏنل ھدايتن جي روشني ۾ ڊي سي ڪياماڙي کي خط لکي ياماڙي ضلعي جي ھاڪس بي واري علائقي ۾ گهربل زمين بابت لاڳاپيل نقشي سميت رپورٽ طلب ڪئي هئي، ڊي سي کي هفتي اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي
ذريعن موجب ڊي سي کان مليل رپورٽ آڌار روينيو کاتي زمين ليز ڪرڻ لاءِ سمري تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي، ان حوالي سان بار بار ڪوشش باوجود ڊي سي ڪياماڙي ۽ بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر بقا الله انڙ ڪال اٽينڊ نه ڪئي، جنهن سبب سندن موقف معلوم نه سگهيو
ٻئي طرف ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجي نظر مان اهڙو ڪو ڪاغذ گذريو ناھي، باقي ڊي سي ڪياماڙي زمين جي الاٽمنيٽ بابت زباني ڳالهه ٻولهه ڪئي ھئي، آئون لکت ۾ ڪو ڪاغذ سامهون اچڻ ايندو ته موقف ڏئي سگهندس