ڪراچي ڌماڪو: 2 چينين سوڌو فوتين جو انگ 3 ٿي ويو: حملو ڪندڙ نوشڪي واسي نڪتو: عورت سميت ڪيترائي گرفتار
آڪٽوبر 8, 2024
ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه ) ڪراچي ايئر پورٽ ڀرسان ٿيل خودڪش حملي ۾ 2 چيني شهرين سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 17 زخمي ٿيڻ جي تصديق: 15 گاڏين کي نقصان؛ڌماڪي ۾ 80 ڪلو بارود استعمال: ڌماڪي ۾ استعمال ٿيل گاڏي نوشڪي واسي جي نڪتي: جاچ جو دائروبلوچستان تائين وڌايو ويو، عورت سميت ڪيترا گرفتار، ان ڏس ۾ ڪراچي ايئرپورٽ جي سگنل وٽ ٿيل ڌماڪي بابت ملير پوليس جو چوڻ هو ته ڌماڪي ۾ 2 چيني شهرين لي جون ۽ لي زها او سميت 3 ڄڻا مارجي ويا آهن، مارجي ويل ڪراچي واسي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، ڌماڪي سبب پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن سميت 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس موجب حملي آور بارود سان ڀريل ڪار ۾ چينين جي قافلي جو انتظار ڪري رهيو هو، جيئن قافلو پهتو ته هن گاڏي غيرملڪين جي گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏي، جڏهن ته پويان ايندڙ ٻي گاڏي تيزي سان رورس ٿيڻ ڪري وڏي تباهي کان بچي وئي، هوڏانهن بم ڊسپوزل اسڪواڊ پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڌماڪي ۾ 70 کان 80 ڪلو ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو، جنهن سبب 15 گاڏين کي شديد نقصان پهتو، ڌماڪي سبب 7 گاڏين، 2 رڪشائن، 2 موٽر سائيڪلن ۽ هڪ پوليس موبائل کي باهه لڳي، ڌماڪو گاڏي ۾ نصب ٿيل وي بي آءِ ڊي ڊوائيس جي مدد سان ڪيو ويو، رپورٽ موجب واقعي واري هنڌ وٽان گڏ ڪيل شاهديون لاڳاپيل ٿاڻي حوالي ڪيون ويون آهن.هوڏانهن پوليس ذريعن موجب ايئرپورٽ ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ ڊبل ڪيبن گاڏي نوشڪي واسي شاهه فهد جي نالي تي رجسٽرڊ هئي، گاڏي جا تفصيل چيسز نمبر مان حاصل ڪيا ويا،پوليس ذريعن موجبخودڪش ڌماڪو شاهه فهد ڪيو، شاهه فهد جو فون رڪارڊ هٿ ڪيو پيو وڃي، واقعي جي جاچ کي بلوچستان تائين وڌايو ويو آهي، ذريعن موجب حملي ۾ سهولتڪاري ڪنهن ڪئي؟ واقعي جي ريڪي ڪيئن ٿي ؟ انهن سوالن جي ٽيڪنيڪل بنيادن تي جاچ جاري آهي، جاچ ادارن موجب شاهه فهد جي خاندان سان رابطن بابت به تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن، ٻئي طرف سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار موجب ابتدائي طور ٻڌايو ويو ته ڌماڪو آئل ٽينڪر ڦاٽڻ سبب ٿيو پر ايئن لڳي نٿو، ڌماڪو دهشتگردي جو نتيجو آهي، ٻئي طرف رات دير سان پوليس ڌماڪي واري ڪيس ۾ هڪ عورت ۾ ڪيترن شڪي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو هو، ٻئي طرف چيني ڊيسڪ جي ڊي ايس پي سي ٽي ڊي کي هٽايو ويو