ڪراچي ۾ اڳوڻو ايس پي ڪلفٽن نيئر الحق مبينا طور گم ٿي ويو
مَي 17, 2024
ڪراچي ۾ اڳوڻو ايس پي ڪلفٽن نيئر الحق مبينا طور گم ٿي ويو، ايس پي نيئر الحق جي گهر واري مڙس جي بازيابي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ عامر قريشي ايڊوڪيٽ ذريعي داخل ڪرايل درخواست تي وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ صوبائي گهرو کاتي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، اڳوڻي ايس پي ڪلفٽن جي بازيابيءَ لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم، عدالت پاران ڌرين کان ٻن هفتن اندر جواب طلب، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نيئر الحق کي 15 ۽ 16 مئي جي وچ واري رات درخشان پوليس جا وردي ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار وٺي ويا، نيئر الحق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان پوليس حراست ۾ شهري جي موت واري ڪيس ۾ ضمانت حاصل ڪئي هئي، نيئر الحق کي 16 مئي تي واڳيل عدالت آڏو پيش ٿيڻو هو، 15 اپريل تي گرفتار ڪيل جوابدار معيز نسيم پوليس جي حراست دوران مبينا تشدد سبب فوت ٿي ويو هو، شهري جي موت واري ڪيس ۾ ايس ايڇ او علي رضا لغاري ۽ وڏو منشي گرفتار ٿيل آهن، ايس پي نيئر الحق به شهري جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل آهي