ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سڀاڻي صبح کان سومر جي صبح تائين گئس بند رهندي

جُولاءِ 27, 2024

ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سڀاڻي صبح کان سومر جي صبح تائين گئس بند رهندي، سئي سدرن گئس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڀاڻي 24 انچ قطر جي 31 ڪلوميٽر ڊگهي ٽرانسميشن پائيپ لائين کي سسٽم سان جوڙيو ويندو، مرمتي ڪم سبب شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سڀاڻي آچر جي صبح 5 وڳي کان گئس جي فراهمي بند ڪئي ويندي، گئس جي فراهمي سومر جي صبح 5 وڳي تائين بند رهندي، سئي سدرن جي ترجمان پاران واهپيدارن کي عارضي بندش دوران متبادل ٻارڻ جو بندوبست ڪرڻ جي اپيل، گئس جي بندش جي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ سرجاني ٽائون ۽ نارٿ ڪراچي جا سمورا سيڪٽرز شامل، منگهو پير ٽائون، قصبه ٽائون ۽ اورنگي ٽائون جا سمورا سيڪٽرز ۽ نارٿ ناظم آباد جا سمورا بلاڪس به متاثر ٿيندا، ترجمان موجب فيڊرل بي ايريا جي سمورن بلاڪس، گلبرگ، بفر زون، سائيٽ انڊسٽريل ايريا، بلديه ٽائون، اتحاد ۽ ماڙي پور جي علائقن جي گئس به بند رهندي، گلشن معمار، احسن آباد، جنجال ڳوٺ، سائيٽ سپر هاءِ وي ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي گئس به بند رهندي

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ