ڪراچي جي علائقي منگهو پير ويجهو سي ٽي ڊي پاران بندش پيل ٽي ٽي پي جو مبينا دهشتگرد ولي رحمان گرفتار
مارچ 19, 2024
ڪراچي جي علائقي منگهو پير ويجهو سي ٽي ڊي پاران بندش پيل ٽي ٽي پي جو مبينا دهشتگرد ولي رحمان گرفتار، سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب ولي رحمان جي قبضي مان دستي بم هٿ ڪيو ويو، گرفتار ڪيل دهشتگرد جو تعلق ڪمانڊر عظمت الله عرف طارق گروپ سان آهي، ولي رحمان مارجي ويل دهشتگرد قاري حسين کان آپگهاتي حملي جي تربيت ورتي هئي، دهشتگرد ولي رحمان گرفتاري جي ڊپ کان 2009 ۾ دبئي فرار ٿي ويو هو