ڪراچي، لاڙ ۽ ٿر ۾ ٻئي ڏينهن به وسڪارو، گرمي جو زور ٽٽي ويو، مختلف واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت، 2 زخمي

جُولاءِ 10, 2024

ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪراچي ۽ لاڙ جي پٽي ۾ وسڪارو، گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، مختلف واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت، 2 زخمي، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. ان سلسلي ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو، صدر،  ڊفينس،  ڪلفٽن، گلشن اقبال،  نيو ڪراچي، شاھراھ فيصل، ملير، ڪورنگي، ڪياماڙي  ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي تيز  ۽ ڪٿي ھلڪي برسات ٿي، برساتي پاڻي بيهڻ ڪري شاھراھ فيصل،  شاھراھ پاڪستان،  شاهراھ قائدين ۽ ٻين روڊن تي ٽريفڪ جام ٿي وئي، ٻئي طرف حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، برسات سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ فيڊرٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. هوڏانهن سورجاڻي ٽائون ۾ ڀت ڪرڻ سميت مختلف واقعن ۾ هڪ شهري فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. هوڏانهن ننگرپارڪر لڳ وڄ ڪرڻ سبب ماءُ ۽ پٽ فوت، ڳوٺ ڦولپرو ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب 30 سالن جي سالن جي عورت اميان  زال ميگهراج ڪولهي ۽ سندس 3 سالن جو پٽ نريش ڪمار فوت ٿي ويا. جڏھن ته فوتي عورت سان گڏ ويٺل سندس ھڪ نياڻي ۽ پٽ معجزاڻي طور بچي ويا ۽ خوف سبب بيھوش ٿي ويا. ٻئي طرف ميرپورخاص ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ هلڪي برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي وئي. ميرپورخاص، گهارو، نئون دمبالو، ڏيئي، ملڪاڻي شريف، جهڏو، ڪنري، نيو ڇور، گولاڙچي، ٽنڊو جان محمد، گھوڙاٻاري، ورشھر، پير پٺو، 103 موري، سانولپور ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب گرميءَ جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي وئي، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.

Leave A Comment