ڪراچي پوليس جا 17 هزار 947 آفيسر ۽ اهلڪار سيڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر: محرم الحرام جي حوالي سان سيڪيورٽي پلان جاري

جُولاءِ 11, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 9 ۽ 10 محرم تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، پڌرائي موجب اڱاري ۽ اربع يعني 16 ۽ 17 جولاءِ تي  صوبي ۾ موڪل هوندي، ٻئي طرف ڪراچي پوليس محرم الحرام جي حوالي سان سيڪيورٽي پلان جاري ڪري ڇڏيو محرم الحرام دوران ڪراچي پوليس جا 17 هزار 947 آفيسر ۽ اهلڪار سيڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر هوندا، محرم الحرام دوران 1049 جلوس نڪرندا، جڏهن ته 4664 مجلسون ٿينديون. ڪراچي ۾ مجلسن تي 4392 آفيسر ۽ جوان جڏهن ته ماتمي جلوسن تي 11628 آفيسر ۽ اهلڪار، امام بارگاهن تي   1927 آفيسر ۽ اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا. محرم الحرام دوران 987 ٽريفڪ پوليس آفيسر ۽ جوان پڻ ڊيوٽي سرانجام ڏيندا.

Leave A Comment