ڪراچي پوليس پاران عجب ڪارڪردگي جو غضب مظاهرو: شهر ۾ ڪٻاڙين جا هزارين دوڪان بند ڪرائي ڇڏيا

مَي 11, 2024

ڪراچي پوليس پاران عجب ڪارڪردگي جو غضب مظاهرو، شهر ۾ گاڏين جي چوري ۽ ڦرلٽ جي واقعن تي ضابطي لاءِ شهر ۾ ڪٻاڙين جا هزارين دوڪان بند ڪرائي ڇڏيا

اسڪريپ جو ڪاروبار ڪندڙن ڪراچي پوليس جي قدم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسڪريپ جو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو ٽيڪس ادا ڪن ٿا ۽ قانوني طور ڪم ڪن ٿا، اسڪريپ جو مال امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ به ڪيو وڃي ٿو، ڪٻاڙين جا دوڪان ۽ ڪاروبار بند ڪرائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي

پوليس اوچتو هزارين دوڪان بند ڪرائي لکين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو آهي، عدالت سنڌ سرڪار، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جيز ۽ واڳيل ايس ايڇ اوز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم

Leave A Comment