ڪراچي : احتجاج ڪندڙ اين سي ايڇ ڊي ۽ بِي اِي سِي ايس استادن تي پوليس ڪڙڪي پئي
جُون 3, 2024
ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ اين سي ايڇ ڊي ۽ بِي اِي سِي ايس استادن تي پوليس ڪڙڪي پئي، استادن تي لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال، هڪ استاد زخمي، ڪيترائي بيهوش، پوليس عورتن سميت 20 استادن کي گرفتار ڪري ورتو، استادن جو پڪو ڪري 14 هون اسڪيل ڏيڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽن ڪلاڪن کان پريس ڪلب آڏو ڌرڻو جاري هو، پوليس موجب استادن سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين روڪيو ويو، استادن گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته مطالبا تسليم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو