ڪراچي واسين تي بجلي بم ڪيرائڻ جو منصوبو:في يونٽ قيمت ۾10رپيا69پئسا واڌ جي تياري

مَي 25, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪراچيءَ ۾ بجلي فراهم ڪندڙ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي بجلي بم ڪيرائڻ لاءِ ٽيرف ۾ وڏي واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪي اليڪٽرڪ بجليءَ جي بنيادي ٽيرف ۾ في يونٽ ڏهه رُپيا 69 پئسا واڌ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ جو موجودا بنيادي سراسري ٽيرف 34 رپيا في يونٽ ٺهي ٿو پر ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي جو بنيادي ٽيرف في يونٽ 44 رپيا 69 پئسا ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. ڪي اليڪٽرڪ طرفان 7 سالن جي ملٽي ايئر ٽيرف تحت بنيادي ٽيرف ۾ واڌ جي درخواست ڪئي آهي. ڪمپني 2023 کان 2030 جو ملٽي ايئرٽيرف مقرر ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ڪي اليڪٽرڪ طرفان ٽرانسميشن چارجز 3.48 رپيا، ڊسٽريبيوشن چارجز 3.84 رپيا، آپريشن اينڊ مينٽيننس چارجز 0.42 پئسا ۽ ريٽيل مارجن .59 پئسا في يونٽ مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. ڪمپني طرفان بجلي ٽيرف ۾ ورڪنگ ڪيپيٽل ٻه رُپيا ست پئسا في يونٽ مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ڀائيوارن کان 7 ڏينهن اندر راءِ طلب ڪري ورتي آهي.

Leave A Comment