ڪرمپور: ڦر دوران مزاحمت تي نجي اسڪول جو استاد الهرکيو نندواڻي قتل

مارچ 18, 2024

ڪرمپور (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي) ڪرمپور ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي نجي اسڪول جو استاد قتل ٿي ويو، ڪجهه ڏينهن اڳ استاد بدامني سبب بندوق کڻي اسڪول وڃي رهيو هو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي

ڪرمپور ويجهو ڳوٺ نصرالله بجاراڻي  ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن جي فائرنگ ۾ نجي اسڪول جو استاد قتل ٿي ويو

ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري  نجي اسڪول جي استاد الهرکيو نندواڻي  کي قتل ڪري فرار ٿي ويا

اطلاع بعد وارث پهچي مقتول جو  لاش گهر کڻائي ويا، پوليس واقعي  واري هنڌ ڏانهن رواني

مقتول استاد جي ڪجهه ڏينهن اڳ بندوق کڻي اسڪول وڃڻ واري  وڊيو به وائرل ٿي هئي

Leave A Comment