ڪرمپور: مارجي ويل 2 ڄڻن جوقتل ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف انڊس هاءِوي تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل
مَي 11, 2024
ڪرمپور ويجهو پوليس جي مبينه فائرنگ ۾ مارجي ويل 2 ڄڻن جو قتل ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف بجاراڻي برادري جو ڪرمپور لاڙي وٽان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل
مظاهرين چيو ته ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ 2 هفتا اڳ غلام حيدر ۽ عبدالرشيد بجاراڻي کي پوليس رستي ويندي گوليون هڻي قتل ڪيو هو
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي قمبر جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميٽي به جوڙي هئي، ڪميٽي هيل تائين اسان جو بيان ريڪارڊ ڪرڻ به نه آئي آهي، نوجوانن کي قتل ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو