ڪريم بخش کوسو ويجهو ڪٽوهر-جمالي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان نوجوان قتل
اپريل 1, 2024
ڪريم بخش کوسو (رپورٽ: عبدالحفيظ کوسو) ڪريم بخش کوسو ويجهو ڪٽوهر-جمالي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان نوجوان قتل ٿي ويو
ڳوٺ بهادرپور ۾ پسند جي پرڻي تان ڪٽوهر ۽ جمالي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو
جهيڙي دوران فائرنگ ۾ قاسم جمالي سخت زخمي ٿيڻ بعد لاڙڪاڻي نيئندي رستي ۾ دم ڏنو ڇڏيو، وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو
پوليس جو چوڻ آهي ته پراڻي تڪرار تان ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اضافي نفري گهرائي آهي