ڪڙيي گهنور ۾ سارين جو فصل لهي ويو، واپارين اگهه ڪيرائي ڇڏيو، آبادگار پريشان
سيپٽمبر 30, 2024
ڪڙيوگهنور (رپورٽ: عبدالرسول سمون) ڪڙيوگهنور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ سارين جو فصل لهڻ شرط ئي واپارين ۽ ڪارخانيدارن هڪ هٽي قائم ڪري سارين جي في مڻ تي 5 سئو رپيا اگھه ڪرائي ڇڏيو، جڏھن ته واپارين ۽ ڪارخانيدارن سارين جو في مڻ جو اگھه 3300 سئو رپين مان گھٽائي 2800 سئو روپين ۾ خريد ڪيو پيو وڃي، سارين جي اگھه ۾ لاٿ سبب آبادگارن ۽ هارين ۾ ڳڻتي ڇائنجي وئي، آبادگارن ايوب نوتڪاڻي، عبدالرزاق مهيري، نوراحمد سمون، غلام حسين ۽ ٻين پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته برساتن سبب ساريالي فصل کي تمام گھڻو نقصان پھتو آھي، سارين جو وزن گھٽ لھي رھيو آھي، مٿان ڪارخانيدارن ۽ واپارين پاران هڪ هٽي قائم ڪري اگھه ڪرائي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته واپاري في مڻ تي 3 کان 5 ڪلو ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن تي وڏو خرچ ٿيو آھي، اگھه گهٽ ملي رهيو آهي، آبادگارن مطالبو ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ 3500 مقرر ڪيو وڃي.