کارسر ڪارونجھر جو حصو ۽ تاريخي ورثو قرار: تفصيلي فيصلو جاري: ڪير به جبل ڪٽي نٿو سگھي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

آگسٽ 16, 2024

ميرپورخاص (رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) ھاءِ ڪورٽ جو ڪارونجھر بابت تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، کارسر ڪارونجھر جو ئي حصو آھي، ان کي ڪٽي نٿو سگھجي، ميرپورخاص بينچ پاران سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو ڪارونجھر بابت اڳ آيل فيصلو برقرار, خبر موجب سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ، سنڌ حڪومت پاران معدنيات جي سلسلي ۾ کارسر جبل کي ڪٽڻ واري ڪيس بابت پنھنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي. جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امجد علي ٻوھيو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ 16 آڪٽوبر 2023ع تي ھاءِ ڪورٽ پاران ڪارونجھر کي ”تاريخي ورثو“ قرار ڏيارڻ واري فيصلي کي برقرار رکندي وڌيڪ حڪم ڏنو آھي تھ کارسر پڻ ڪارونجھر جو ئي حصو آھي، ان ڪري ان کي ڪٽي نٿو سگھجي. عدالت ثقافت کاتي کي حڪم ڏنو آھي تھ جيڪڏھن سپريم ڪورٽ ڪارونجھر بابت ڪو اسٽي جاري ناھي ڪيو تھ پوءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو فيصلو برقرار آھي ۽ ڪارونجھر جي سموري رينج کي تاريخي ورثو قرار ڏئي، اھڙو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ ٻن ھفتن اندر جمع ڪرايو وڃي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ پاران، حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ جي برقرار رکيل فيصلي ۾ چيو ويو آھي تھ ”ڪارونجھر جبل جي رينج“ ھڪ ئي آھي، ان ئي حصن يا ٽڪرن ۾ ورھائي نٿو سگھجھي. برقرار رکيل فيصلي ۾ اھي پڻ حڪم ڏنل آھي تھ مائنز ۽ منرل کاتو ڪارونجھر ۾ ڪا بھ کوٽائي نٿو سگھي، سواءِ تاريخي اثارن جي دريافت لاءِ ٿيندڙ کوٽائي جي ۽ اھا کوٽائي پڻ عالمي اصولن موجب ٿيڻ گھرجي. برقرار رکيل فيصلي ۾ اھي پڻ حڪم ڏنل آھن تھ ٻيلو کاتو ۽ جھنگلي جيوت وارو کاتو ڪارونجھر اندر وڻڪاري ڪري ۽ جبل اندر رھندڙ پکين، جانور ۽ ٻين جاندارن جي بچاءَ لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺي. فيصلي ۾ اھي پڻ حڪم ڏنل آھن تھ ڊي سي ٿرپارڪر ۽ لاڳاپيل حد جو ايس ايڇ او ان ڳالھ جا ذميوار آھن تھ اھي ڪارونجھر جبل اندر کوٽائي يا ٻي ڪنھن بھ ڪمرشل ايڪٽوٽي کي ٿيڻ نھ ڏيندا ۽ گڏوگڏ جين مندرن سميت ٻين تاريخي ورثن کي اصل شڪل ۾ بحال ڪندا.

Leave A Comment