کارسر سميت سمورو ڪارونجهر جابلو سلسلو محفوظ ورثو آهي: هاءِ ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو

سيپٽمبر 26, 2024

ميرپورخاص(رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ڪارونجر جبل جي سموري سلسلي کي محفوظ ورثو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان حڪم جي ٿوري به ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي

عدالت ٻه ڏينهن اڳ جاري ڪيل پنهنجي حڪم جو لکت ۾ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالت ۾ ڪارونجهر جبل کي محفوظ قرار ڏيڻ جي حوالي سان عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ تي توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي

ان تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا سموري ڪارونجهر جابلو سلسلي کي محفوظ قرار ڏنو آهي. جڏهن ته ثقافت کاتي جو حڪم به پيش ڪيو ويو جنهن ۾ ڪارونجهر جي 21 هزار ايڪڙ ايراضي کي محفوظ قرار ڏنو ويو آهي

درخواست گذار ٻڌايو ته اهو نوٽيفڪيشن عدالتي حڪمن جي ابتڙ آهي ڇاڪاڻ ته ڪارونجهر جبل جي ڪجهه حصن کي محفوظ قرار ڏنو ويو آهي ثقافت کاتي مڪمل عمل ناهي ڪيو، کارسر ڪارونجهر کان ڌار نه آهي

سنڌ حڪومت عدالتي حڪمن جي ابتڙ کارسر ۾ جبل کي وڍڻ جي اجازت کي ٻيلي کاتي ۽ جهنگلي جيوت کاتي جي اجازت سان مشروط ڪيو آهي. ان جا خطرناڪ ماحولياتي اثر پوندا عدالت علائقي جي بنياد تي نه پر سموري ڪارونجهر جابلو سلسلي کي محفوظ ورثو قرار ڏئي

عدالت فيصلي ۾ چيو ته صوبائي ڪابينا سموري جابلو سلسلي کي محفوظ علائقو قرار ڏنو آهي ۽ ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي جي نوٽيفڪيشن ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي سموري ڪارونجهر جبل کي محفوظ قرار ڏنو آهي ته توهين عدالت جي درخواست نه ٿي ٺهي

ان بنياد تي توهين عدالت جي درخواست اڪلائي وڃي ٿي. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته تنهن هوندي به اهو واضح ٿو ڪجي ته هاڻ ضلعي ٿرپارڪر جو سمورو ڪارونجهر جابلو سلسلو 1994ع جي ايڪٽ تحت محفوظ ورثو آهي ان جي ڪا به ڀڃڪڙي هن عدالت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي قرار ڏني ويندي جنهن تي 1973ع جي آئين جي شق 204 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي

Leave A Comment