ڪارونجهر قومي ورثو قرار نه ڏنو ويو، چيف سيڪريٽري کي توهين عدالت نوٽيس
سيپٽمبر 10, 2024
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص حڪم باوجود ڪارونجھر کي قومي ورثو قرار ڏيارڻ وارو نوٽيفڪيشن پيش نه ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ثقافت واري سيڪريٽري کي توھين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن، ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سرڪار پاران ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ جي ميٽنگ رٿي وئي آھي، ان ۾ ڪارونجھر کي قومي ورثو قرار ڏنو ويندو، عدالت کان ڪجهه وقت وٺي اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل چيف سيڪريٽري سنڌ سان ڳالھايو ۽ وڌيڪ وقت ڏيڻ جي استدعا ڪئي، جنھن تي عدالت سڳوري چيو ته ڪارونجھر کي قومي ورثو قرار ڏيارڻ جو فيصلو 16 آڪٽوبر 2023ع جو آھي، ھڪ سال گذري وڃڻ باوجود ان تي اڃا تائين ڇو عمل ناھي ٿي سگھيو؟ عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي عدالت سڳوري چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ثقافت واري سيڪريٽري کي توھين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا ڇڏيا آھن ۽ ايندڙ 16 سيپٽمبر تي ٻنھي ڄڻن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.