ڪارونجهر کي ڪورجي؟سنڌ ڪابينا ۾ سڀاڻي غور ٿيندو
جُولاءِ 10, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه سڀاڻي 11 جولاءِ تي سنڌ ڪابينا جو اھم اجلاس سڏائي ورتو، اجلاس ۾ ڪارونجهر جبل کي ڪوري گرينائيٽ ڪڍڻ، گورک ھل اسٽيشن جي ترقي ۽ ٻوڏ متاثرين کي گھر ٺاھي ڏيڻ سميت 50 معاملا ايجنڊا ۾ شامل ڪيا ويا آهن، اجلاس ۾ سنڌ گورنمينٽ لينڊ ڪاميٽي، ٻوڏ متاثرين جي بحالي، سنڌ پيپلز فلڊ جي ڊي جي جي مقرري، سنڌ نارڪوٽڪس ڪنٽرول آرڊيننس سميت اھم معاملا ايجنڊا ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سنڌ لائيو اسٽاڪ ڊولپمينٽ پروجيڪٽ، ڊيري سيڪٽر ۽ لائيو اسٽاڪ تي وفاقي گورنمينٽ جي قانون سازي بابت ڪمينٽس ۽ ٻيا معاملا غور ھيٺ ايندا، اهڙي طرح سنڌ ميڊيڪو ليگل ايڊوائيزري بورڊ، پاڪستان ڊس ايبلڊ فائونڊيشن جي مالي مدد ۽ پاڪستان ٽوبيڪو بورڊ جي جوڙ جڪ بابت اھم فيصلا ڪيا ويندا. اجلاس جي ايجنڊا نمبر 20 موجب معدنيات وارو وزير سيد سردار شاهه اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي نائين گڏجاڻي جي روشني ۾ ننگر پارڪر ۾ واقع ڪارونجهر جبل مان گرينائيٽ پٿر ڪڍڻ لاءِ کوٽائي واري پراجيڪٽ جي منظوري بابت رٿ منظوري لاءِ پيش ڪندو