ڪارونجهر کي ڌاڙو: کارسر مان گرينائيٽ ڪڍڻ لاءِ ڪاميٽي قائم: 19 آگسٽ تي اجلاس به طلب: ٻن ميمبرن پاران مخالفت

آگسٽ 12, 2024

ڪراچي(رپورٽ: سترام مهيشوري) سنڌ سرڪار ڪارونجھر کي ڪوري قيمتي پٿر گرينائيٽ ڪڍڻ لاءِ جھنگلي جيوت ۽ فاريسٽ کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر بدر جميل مينڌرو جي سربراهي ۾ 8 رُڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، 2 آگسٽ تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب انهي ڪاميٽي جو ننگر پارڪر مان چونڊيل پ پ ايم پي اي انجنيئر قاسم سومرو ڪو چيئرپرسن هوندو، جڏهن ته ماحولياتي اداري آءِ يو سي اين ڪراچي جو عيوضي محمود اختر چيما، ڊبليو ڊبليو ايف سنڌ بلوچستان جو ڊائريڪٽر غازي صلاح الدين، موسمياتي تبديلي تي ڪم ڪندڙ عافيه سلام، ماحولياتي صحافي امر گرڙو، سنڌ وائلڊ لائيف کاتي جو ڪنزرويٽر جاويد مهر ۽ وائلڊ لائيف ميرپورخاص ڊويزن جو ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر ميمبر هوندا. 11 جولاءِ تي ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا نمبر 22 جي روشني ۾ ٿيل فيصلي هيٺ ڪاميٽي جو پهريون اجلاس 19 آگسٽ 2024ع تي ٽپهري جو 3 وڳي وائلڊ لائيف سيڪريٽري جي آفيس (سنڌ سيڪريٽريٽ بلاڪ 4 اي) بيرڪ نمبر 10 ۾ طلب ڪيو ويو آهي، ڪاميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها رامسر سائيٽ قرار ڏنل رڻ ڪڇ واري وائلڊ لائيف سينچري ۾ گرينائيٽ جي کوٽائي لاءِ ڪو رستو ڳولهي، ڪاميٽي رول 6 ۽ رول 7 جي سب رول 6 هيٺ پنهنجون تجويزون وائلڊ لائيف کاتي کي جمع ڪرائيندي. ٻئي طرف ڪاميٽي جي ڪو چيئرپرسن ۽ ننگرپارڪر مان پ پ چونڊيل ايم پي اي قاسم سومرو ڪارونجھر ڪورڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته ساڍا 3 ارب سال قديم ڪارونجھر جبل کارسر، چوڙيو، راڻسر سميت 28 ٽڪرين تي ٻڌل آهي، جنهن جي تاريخي، ثقافتي، مذهبي حيثيت آهي، سمورو ننگر پارڪر تعلقو رامسر سائيٽ قرار ڏنل آهي جڏهن ته سنڌ سرڪار 100 سيڪڙو ڪارونجھر کي وائلڊ لائيف سينچري پڻ قرار ڏئي چڪي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد پڻ سموري ڪارونجھر کي قديم ورثو قرار ڏيڻ جو فيصلو ڏنو آهي، اهڙي صورت ۾ ڪارونجھر جي ڪنهن به حصي مان گرينائيٽ سميت ڪنهن به معدنيات جي کوٽائي ڪرڻ جي اجازت ڏئي نه ٿي سگھجي. هوڏانهن 8 رُڪني ڪاميٽي ۾ شامل ماحولياتي صحافي امر گرڙو جو چوڻ هو ته وائلڊ لائيف کاتي جي اختيارين مون کان پڇڻ کانسواءِ منهنجو نالو ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو آهي. آئون جنهن برطانوي اداري ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان انهي طرفان مون کي اهڙي ڪنهن به سرگرمي ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ناهي.

کارسر ۾ مائننگ جي  تجويز معدنيات کاتي پاران ڏيڻ جو انڪشاف

ڪراچي: کارسر ۾ مائننگ جي   تجويز معدنيات کاتي پاران ڏيڻ جو انڪشاف، ان ڏس ۾ سنڌ جي معدنيات ۽ تعليم وارن کاتن جا قلمدان سنڀاليندڙ سيد سردار شاھ جي منرل کاتي طرفان سنڌ ڪابينا جي 11 جولاءِ واري اجلاس ۾ ڪارونجھر کي ڪورڻ بابت پيش ڪيل سمري ۾ ڄاڻايو ويو هو ته سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي جي روشني ۾ بورڊ آف روينيو، جيولاجيڪل سروي آف پاڪستان، وائلڊ لائيف کاتي ۽ ثقافت کاتي توڙي معدنيات کاتي پاران ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جوڙي کين ننگر پارڪر مان گرينائيٽ ڪڍڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ تڪراري جاءِ/ هنڌ ڳولڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، ٻنهي ڪاميٽين پنهنجي رپورٽ ۾ کارسر ۾ گرينائيٽ کوٽائي جي سفارش ڪئي هئي. منرل کاتي موجب کارسر جو علائقو ننگر پارڪر شهر ۾ واقع مُک ڪارونجھر جبل کان 25 ڪلو ميٽر پري آهي، سپريم ڪورٽ پاران پابندي ۾ نرمي کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت مقامي ماڻهن جي خدشن/ اعتراضن کي رابطن وسيلي ختم ڪري سگھي ٿي، منرل کاتي موجب بورڊ آف روينيو چواڻي کارسر ۾ ڪو به ٻيلو واقع ناهي، کارسر ۾ جيتوڻيڪ هڪ عبادتگاھه ( مندر) موجود آهي. جيڪو تازو تعمير ٿيل آهي ،جنهن کي ثقافت کاتي پاران اڃا تائين محفوظ ورثو قرار نه ڏنو ويو آهي، کارسر جو 3.6 چورس ميلن (889.57 ايڪڙن) تي پکڙيل علائقو گرينائيٽ سان مالا مال آهي، جتي 284 ملين ٽن گرينائيٽ موجود آهي. کارسر وارو علائقو وائلڊ لائيف سنچري قرار ڏنل آهي، منرل کاتي سفارش ڪئي ته کارسر مان گرينائيٽ جي کوٽائي لاءِ سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن، پرزرويشن، ڪنزرويشن ۽ مينيجمينٽ رولز 2022 جي رول 7 ۾ نرمي آڻڻ لاءِ جھنگلي جيوت جي سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وڃي، جنهن ۾ مقامي ايم پي اي کي ڪو چيئرمين شامل ڪيو وڃي، سنڌ ڪابينا جي منٽس موجب منرل کاتي جي اهڙي تجويز تي سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو ته اعليٰ عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن جي فيصلن جي روشني ۾ معدنيات کاتي جي سفارشن تي عمل ڪندي کارسر ۾ گرينائيٽ جي کوٽائي جي اجازت ڏجي ٿي، جڏهن ته اجلاس ۾ معدنيات کاتي کي قانون موجب فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي اجازت ڏني وئي.

ڪارونجهر  بچايو ڪاميٽي پاران 19 آگسٽ تي سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو ڌرڻي جو اعلان

ڪراچي: ڪارونجهر  بچايو ڪاميٽي  جي اڳواڻن  ڪارونجهر ڪورڻ لاءِ سنڌ سرڪار پاران جوڙيل ڪاميٽي جي 19 آگسٽ تي ڪوٺايل پهرين اجلاس جي موقعي تي  سنڌ سيڪريٽريٽ ٻاهران ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي

کارسر سميت سموريون ٽڪريون ڪارونجھر جو حصو آهن، مائننگ جي اجازت ناهي: امر گرڙو

ڪراچي: ماحوليات تي ڪم ڪندڙ سينيئر صحافي امر گرڙو چيو آهي ته کارسر، راڻسر، چوڙيو سميت ننگر پارڪر جون سموريون ٽڪريون ڪارونجھر جو اڻ ٽوٽ حصو آهن، ڪارونجھر رامسر سائيٽ هجڻ ڪري هتان گرينائيٽ لاءِ مائننگ ڪرڻ ته پري رهيو پر ڪا ڪاٺي وڍڻ يا باھه ٻارڻ جي به اجازت ڏئي نه ٿي سگھجي.

Leave A Comment