ڪارونجهر پروٽيڪٽڊ ايريا قرار: ايف ڊبليو اوکي ليز ڪيل کاراسر مان گرينائيٽ ڪڍڻ تي اعترا ض ناهي: سنڌسرڪار

جُولاءِ 12, 2024

ڪراچي( رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ڪابينا ڪارونجهر کي پروٽيڪٽڊ ايريا قرار ڏيندي گرينائيٽ لاءِ ڪنهن کي به ڪٽائي جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڪابينا اهو به فيصلو  ڪيو ته کاراسر کي گرينائيٽ جي کوٽائي وارو علائقو قرار ڏنو وڃي، جيڪو ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت کاتي جي ڪليئرنس سان مشروط هوندو آهي

ڪابينا اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي معدنيات واري وزير سردار شاهه چيو ته ڪارونجهر کان 20 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي کاراسر جو علائقو گرينائيٽ ڪڍڻ لاءِ ايف ڊبليو او کي ليز تي ڏنل آهي، کاراسر مان گرينائيٽ ڪڍڻ واري معاملي تي ڪو به تڪرار ناهي، کاراسر مان گرينائيٽ ڪڍڻ بابت فيصلو سپريم ڪورٽ ۽ وائيلڊ لائيف کاتي کي ڪرڻو آهي، ڪارونجهر جون باقي ٽڪريون پروٽيڪٽڊ ايريا آهن، هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جي اجلاس ۾ گرينائيٽ ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي وئي

اسان  موقف اختيار ڪيو ته مقامي ماڻهن جي مخالفت وارو ڪو به منصوبو شروع نه ڪيو ويندو، پيپلزپارٽي جي قيادت انهي  معاملي تي بلڪل چٽي آهي ته ڪا به ترقي عوامي مخالفت جي قيمت تي نه ڪئي ويندي، هڪ سوال جي جواب ۾ سردار شاهه انڪشاف ڪيو ته نگران حڪومت ۾ ڪارونجهر جو رڪارڊ چوري ٿي ويو، پاڪ ڪتاب مٿي تي رکي پريس ڪانفرنسون  ڪندڙ اڳوڻو وزير  خدا بخش مري ويندي ويندي رڪارڊ چورائي ويو، هن رڪارڊ واپس نه ڪيو ته سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو

هن چيو تھ ننگر پارڪر ۾ وڏي عرصي کان گري نائيٽ جي  مائننگ جو مسئلو ھلي رھيو آھي، نگران حڪومت ۾ بھ اھوئي مسئلو ھو، پيپلز پارٽي جو موقف آھي تھ مقامي ماڻھن جي مرضي کانسواءِ ڪا ترقي ٿي نٿي سگھي، گرينائيٽ جي مائننگ مقامي ماڻھن جي ناراضگي جي بنياد تي نه ڪئي ويندي

هن چيو ته مون ڪارونجھر وڃي سروي ڪرايو آھي، بعد ۾ اھو مسئلو ايس آءِ ايف سي ۾ نيو ويو، جيڪو عمل جوڳو پلان نه  ھو، ھن مسئلي تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جا به  فيصلا موجود آھن.  معدنيات واري نگران وزير چيو ھو تھ گرينائيٽ جي ايڪسپورٽ عيوض 3.2 ارب ڊالر ملي سگھندا، سندس اهو عمل مقامي ماڻھن جي مرضي خلاف ۽ عمل جوڳو  نه ھو، هن چيو ته ننگر پارڪر ۾ گرينائيٽ جي مائننگ واري جاءِ کي اڳواٽ ئي تھذيبي ورثو قرار ڏنو ويو آھي،  ڪارونجهر سان ڪيترائي مذھبي عقيدا جڙيل آھن، ننگر پارڪر جو پورو علائقي وائلڊ لائيف سينچري آھي، اسان واضح ڪريون ٿا ته ڪارونجھر جبل کي مائننگ لاءِ ڏيڻ جو ڪوبه پروگرام ناھي. ڪابينا ھن تاريخي ورثي کي تحفظ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي

ڪارونجھر ھر صورت برقرار رھندو، رڳو ڪارونجھر ئي نه پر پورو ننگر پارڪر محفوظ آھي، اھو ڪابينا جو فيصلو آھي، اُنهي لاءِ ھاڻي ڪوبه مونجھارو نھ ھجڻ گھرجي، ھن چيو تھ يونيسڪو پاران ننگر پارڪر کي تمام جلد عالمي ورثو قرار ڏنو ويندو، سنڌ ھاءِ ڪورٽ بھ ڪارونجھر کي ورثو ڊڪليئر ڪرڻ جو چيو آھي

ھن چيو تھ ڪارونجھر ۽ اُن سان لاڳاپيل سڀ چوٽيون محفوظ قرار ڏنيون ويون آھن، اسان سپريم ڪورٽ ۾ اھا رپورٽ ڏينداسين، ھن وقت ننگر پارڪر يا ڪارونجھر ۾ ڪابھ مائننگ نھ پئي ٿئي.  ھن چيو تھ گذريل نگران وزير کان پڇڻ گھرجي تھ ھو ڪھڙي تحقيق تحت گرينائيٽ جي ذخيرن جي ڳالھھ ڪندو هو ؟  هن انڪشاف ڪيو ته نگران حڪومت ۾ ڪارونجهر جو رڪارڊ چوري ٿي ويو، پاڪ ڪتاب مٿي تي رکي پريس ڪانفرنسون  ڪندڙ اڳوڻو وزير  خدا بخش مري ويندي ويندي رڪارڊ چورائي ويو، هن رڪارڊ واپس نه ڪيو ته سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي