ڪشمور جي ڪچي ۾ پوليس چوڪي تي ڌاڙيلن جي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد، 2 اهلڪار زخمي
جُون 4, 2024
ڪشمور جي ڪچي ۾ پوليس چوڪي تي ڌاڙيلن جي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد، 2 اهلڪار زخمي، گيهلپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن پوليس جي حدي ڊومڪي واري چوڪي تي جديد هٿيارن سان حملو ڪيو، گوليون لڳڻ سبب دادو واسي اهلڪار عبدالعزيز برهماڻي شهيد ٿي ويو، 2 اهلڪار مولا بخش کوسو ۽ شھمير برھماڻي سخت زخمي ٿي پيا، شھيد ٿيل پوليس اهلڪار جو مڙهه ايس ايس پي آفيس ڪنڌڪوٽ پوليس ھيڊ ڪوارٽر آندو ويو، شهيد اهلڪار عبدالعزيز برهماڻي جي جنازي نماز ۾ ايس ايس پي، ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ، رينجرز جي ڪرنل، اي ايس پي ۽ ٻين جي شرڪت، شهيد اهلڪار کي سلامي پيش ڪرڻ بعد مڙهه اباڻي علائقي ڪڪڙ پهچايو ويو