ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ڪائونسل جي بجيٽ جا 50 ڪروڙ روپيا ڪيڏانهن ويا؟
مَي 14, 2024
ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ڪائونسل جي بجيٽ جا 50 ڪروڙ روپيا ڪيڏانهن ويا؟ 26 ميمبرز مبينا ميگا ڪرپشن تي بحث لاءِ اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ضلعي ڪائونسل جي ميمبرز ممتاز ڏاهاڻي، محمد خان کوسو ۽ نصر الله مزاري پاران چيئرمين ۽ ٻين تي ڪرپشن لڪائڻ جا الزام، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ضلعي ڪائونسل جي ميمبرز چيو ته چيئرمين گل محمد جکراڻي، وائيس چيئرمين الطاف کوسو ۽ ضلعي چيف آفيسر بگن نندواڻي مبينا ڪرپشن تي بحث ڪرائڻ لاءِ اجلاس نه پيا گهرائين، گذريل ڏينهن 26 ميمبرز جي صحيح سان اجلاس گهرائڻ جي درخواست کڻي پهتاسين ته چيئرمين سميت سڀ غائب ٿي ويا، ضلعي ڪائونسل جي ميمبرز چيو ته 8 مهينن ۾ 50 ڪروڙ جي بجيٽ ڪيئن کپائي وئي؟ اڪائونٽ ۾ رڳو 75 هزار روپيا بچيا آهن، چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ٻين کي ٻڌائڻو پوندو ته پئسا ڪٿي خرچ ڪيا ويا