ڪشمور سيشن جج جي حڪم تي ڪارروائي، باندي بڻايل 6 ڄڻا آزاد
آگسٽ 23, 2024
ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور سيشن جج جي حڪم تي سندس ريڊر ڪشمور ٿاڻي تي پهچي گذريل ھڪ مھيني کان ناحق باندي بڻايل ٻن عورتن سوڌو 6 ڄڻن کي آزاد ڪرائيندي ايس ايڇ او ڪشمور سميت پوليس عملدارن کي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڪيو ڪشمور ٿاڻي جي پوليس ھڪ مھينو اڳ اغوا ٿي ويل پوليس اهلڪار احسان ﷲ جکراڻي کي اغوا ڪرڻ جي الزام ۾ شق جي بنياد تي کوسا برادري ٻن عورتن سوڌو 6 ڄڻن محمد حسن کوسو وسيم کوسو، ظھور کوسو وقار کوسو کي گذريل ھڪ مھيني کان ناحق باندي بڻائي رکيو وارثن جي درخواست تي سيشن ڪورٽ ڪنڌڪوٽ جي جج محمد علي قريشي جي ريڊر ڪشمور ٿاڻي تي پهچي ناحق گرفتار ڪيل ٻن عورتن سميت 6 ڄڻن کي آزاد ڪرائيندي ايس ايڇ او ڪشمور سميت پوليس عملدارن کي سڀاڻي ڪنڌڪوٽ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڪيو متاثر کوسا برادري جي ماڻهن جو چوڻ هو ته ڪشمور پوليس اھلڪار احسان ﷲ جکراڻي جي اغوا الزام ۾ اسان کي گذريل ھڪ مھيني کان پوليس ٽارچر ڪندي سخت تشدد جو نشانو بڻايو جڏهن ته بنا ڪنهن ڪيس جي اسان سان ناانصافي ڪئي وئي آهي آئي جي سنڌ نوٽس وٺي ڪشمور پوليس خلاف انڪوائري ڪئي وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي پاسي سيشن جج ڪنڌڪوٽ جي ريڊ ڪمشنر جي ڇاپي دوران ڪشمور ٿاڻي تي ايس ايڇ او موجود نه ھو ٿاڻي جي وڏي منشي برڪت ملڪ ٻڌايو ته مونکي معاملي جي ڄاڻ ناهي ۽ نه ئي اسان ڪا گرفتاري ڪئي آهي.