خيرپور ويجهو ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ صندوق مان لاش مليل ٽنهي ٻارن جي قتل جي تصديق

مارچ 30, 2024

خيرپور ويجهو ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ صندوق مان لاش مليل ٽنهي ٻارن جي قتل جي تصديق، عورت سميت گرفتار ڪيل 4 جوابدارن پڇاڳاڇا دوران ڏوهه باسي ورتو، پوليس موجب رات دير سان وارثن جي شڪ ظاهر ڪرڻ تي جميل شيخ، ديدار، الطاف ۽ منور خاتون کي گرفتار ڪيو ويو هو، گرفتار ڪيل جوابدارن پڇاڳاڇا دوران ٽنهي ٻارن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، جوابدارن جو چوڻ آهي ته وارثن جي غير موجودگي ۾ ٽنهي ٻارن کي صندوق ۾ وجهي ماري ڇڏيو، ٻن مقتول ٻارن جي پيءُ شاهنواز شيخ جي فرياد تي چئني جوابدارن خلاف ٻارن جي قتل جو ڪيس داخل، ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن نامعلوم دشمني جي بنياد تي ٻارن کي قتل ڪيو، شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ موجب ٽنهي ٻارن جو موت ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻارن سان زيادتي جو شڪ ظاهر نه ڪيو ويو آهي، رپورٽ موجب هڪ ٻار تي تشدد جا نشان نظر آيا

Leave A Comment