خيرپور: پوليس اهلڪار جي مبينا ستايل عورت پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش، اهلڪارن بچائي ورتو

جُولاءِ 11, 2024

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ پوليس اهلڪار وحيد شيخ پاران مبينا دوستي نه رکڻ تان ممتاز ڪالوني واسڻ جي مڙس کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف شبانه ڪلهوڙو پاران ايس ايس پي آفيس آڏو پاڻ مٿان پيٽرول ھاري باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

جنهن کي ايس ايس پي آفيس ۾ مقرر اھلڪارن بچائي ورتو،عورت پاران پاڻ کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ۽ رڙين تي وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا

بعد ۾ ايس ايس پي ساڻس ملاقات ڪري کيس انصاف جي خاطري ڪرائي، شبانه صحافين کي ٻڌايو ته 5 ڏينھن اڳ شاهه لطيف ٿاڻي جي بااثر اهلڪار دوستي نه رکڻ تان پورھيت مڙس جميل ڪلهوڙو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي

اهلڪار مڙس مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ کيس فل فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي

هن مطالبو ڪيو ته مڙس جميل ڪلهوڙو کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ خودڪشي ڪري ڇڏينديس، جنهن جو ذميوار سپاهي وحيد شيخ ۽  شاهه لطيف ٿاڻي جو ايس ايچ او هوندو

Leave A Comment