خيرپور، شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ڪچي ۾ ڌاڙيلن جا 64 ٽولا، اغوا وارداتون تيز، پوليس ناڪام
اپريل 15, 2024
ڪراچي (نمائندن وٽان) اتر سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ امن خواب بڻيل آهي، ڌاڙيلن جا 64 کان وڌيڪ ٽولا سرگرم آهن، ماڻهن کي اغوا ڪري ڀنگ وٺي آزاد ڪرڻ سندن ڪمائي جو سڀ کان وڏو ذريعو بڻجي ويو. خيرپور ضلعي اندر ڌاڙيلن جا سڀ کان وڌيڪ 40 ٽولا، شڪارپور ضلعي ۾ 5 ٽولا، گهوٽڪي ۾ 4، ڪچي کان پري جيڪب آباد ضلعي ۾ 8 ٽولا ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيلن جا 7 ٽولا ڏوهن ۾ ملوث آهن. هٿ ڪيل معلومات موجب ۽ پوليس ذريعن موجب سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي دعوائن ۽ اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود ڪچي جي علائقن مان ڌاڙيل ختم نه ٿي سگهيا آهن. سموري سنڌ ته بدامني جو شڪار آهي پر ان بدامني ۽ اغوا وارداتن جا سموارا پيرا ڪجهه ضلعن جي ڪچي وارن علائقن ۾ موجود ڌاڙيلن ڏانهن وڃن ٿا. مليل اطلاعن موجب ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن جي ٽولن جو تعداد 64 کان وڌيڪ آهي. خيرپور ضلعي ۾ سنڌو درياءَ جي کاٻي پاسي واري دريائي ڪچي ٻٻرلوءِ کان وٺي پريالوءِ، الرا جاگير، ٻنڊو فيض محمد، ڪيٽي عبدالرحمان انڙ، پيرجوڳوٺ، گمبٽ ۽ سوڀوديرو تعلقي جي سمي، سڳيون ۽ خانواهڻ تائين ڦهليل دريائي ڪچي وارا علائقا ڌاڙيلن لاءِ محفوظ پناهه گاهه بڻيل آهن. ڌاڙيلن پڪا توڙي ڪچا محفوظ ٿاڪ ۽ ٺڪاڻا قائم ڪري ورتا آهن. ضلعي ۾ ڌاڙيلن جا 40 کان وڌيڪ ٽولا سرگرم آهن جن ۾ 15 لک انعام يافته ڌاڙيل اصغر ناريجو، 50 لک انعام يافته رحيم بخش عرف رحيمون ڦلپوٽو، 10 لک انعام يافته بهادر عرف باجو ناريجو، 10 لک انعام يافته محمد طاهر بروهي، 10 لک انعام يافته يوسف ناريجو، 10 لک انعام يافته مسڻو عرف مسڻ ناريجو، 5 لک انعام يافته زبير عرف زبو انصاري، 5 لک انعام يافته شمو عرف بروهي ناريجو، نديم ڦلپوٽو، حيدر بخش ڦلپوٽو، راجا ڦلپوٽو، علي گل، بيگو مري، رحيم ڏنو عرف رحيمون خواجا، سائين بخش ناريجو، علي احمد ناريجو، الهيار ناريجو، دادن ناريجو، مٺل شاهاڻي، ثناءُ الله عرف ثنو انصاري، مرچ عرف مرچو ناريجو، صدا حسين اوڍو، رب رکيو ناريجو ۽ ٻين ڌاڙيلن جا ٽولا شامل آهن. انهن ٽولن ۾ 15 کان 20 ٻيا ڏوهاري شامل هوندا آهن. جيڪب آباد ضلعي ۾ ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جا 8 ٽولا سرگرم آهن. ڳڙهي خيرو ۽ ٺل تعلقن ۾ ڌاڙيلن جي ڪالي بنگلاڻي گينگ، ٻيلو بنگلاڻي گينگ، باري پتافي گينگ، ڪاڪوري گينگ، گهڃو گينگ، ڏاهاڻي گينگ سميت ٻيون گينگز وارداتون ڪري ۽ ڀتو اوڳاڙي رهيون آهن. جيڪب آباد تعلقي ۾ جاگير گينگ توڙي مٺو شاهه گينگ ڏوهي وارداتون ڪرڻ ۾ سرگرم آهن. مٺو شاهه گينگ جاگير جي علائقي ۾ بلوچستان پولیس جي 6 اهلڪارن کي شهيد ڪيو. جيڪب آباد ۽ بلوچستان جي اوستا محمد پولیس گڏيل آپريشن ڪيو جنهن ۾ مٺو شاهه پاڻ ۽ ان جا ساٿي مارجي ويا آهن پر ڪجهه وقت جي ٺاپر کان پوءِ هاڻي ان ئي گينگ جا ڏوهاري وري سرگرم ٿي ويا آهن جنهن سبب جيڪب آباد جو باءِ پاس شهرين لاءِ نوگو ايريا بڻجي ويو آهي ڌاڙيلن جا ٽولا ڏينهن جو ڪلاشنڪوف کڻي شهرين کان ڦرلٽ ڪندا آهن. شڪارپورضلعي ۾ ڌاڙيلن جون 5 وڏيون گينگز سرگرم آھن جن ۾ نصر قادراڻي، رحيم خواجه، احسان قهراني، تيغاڻي ۽ بڊاڻي گينگ شامل آهن جڏهن ته ڪچي ۽ پڪي وارن علائقن ۾ ڪجهه ننڍا ٽولا به وارداتون ڪندا آهن. ڌاڙيل منير مصراڻي تي ڏيڍ ڪروڙ، ٻيلو تيغاڻي تي ھڪ ڪروڙ، نصر قادراڻي تي 15 لک، رحيم خواجه تي 25 لک ۽ احسان قهراني تي 15 لک رپيا انعام مقرر آهن. گهوٽڪي ضلعي ۾ علي حسن جاگيراڻي، مير احمد جاگيراڻي، راحب شر ۽ ثناء اللہ شر ڌاڙيلن جا ٽولا سرگرم آهن. انهن جي ٽولي ۾ 100 کان وڌيڪ ڌاڙيل شامل آهن. علي حسن جاگيراڻي جي گرفتاري لاء سنڌ سرڪار 10 لک روپيه انعام پڻ رکيو. راحب شر ۽ ثناء اللہ شر مٿان به لکين روپين جي انعام جي سفارش ڪئي وئي آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي ڌاڙيل پنهنجي پنهنجي ذات جي ڌاڙيلن تي مشتمل ٽولا هلائيندا آهن. راحب ۽ ثناءُ الله شر گڏجي وارداتون ڪندا آهن ۽ علي حسن ۽ مير احمد جاگيراڻي وري پاڻ ۾ اتحاد ڪري ڏوهه ڪندا آهن. پوليس ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪا تمام وڏي واردات ڪرڻي هوندي آهي يا ڪو خطرو هوندو آهي ته اهي چارئي ٽولا گڏجي ويندا آهن. ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي ڪچي اندر 7 مختلف ڌاڙيل ٽولا سرگرم آهن. ڀيو، سبزوئي گينگ، بنگوار، شر گينگ، جاگيراڻي، تيغاڻي گينگ ۽ نئين سامهون ايندڙ گينگ ڪوڪاري نندواڻي گينگ اندر لڳ ڀڳ 70 ڏوهاري هٿياربند موجود آهن جن مان ڀيو گينگ ڪنڌڪوٽ شهر کان ٽي ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ موجود آهي. ڀيو گينگ جي سربراه خادم عرف خادو ڀيو وٽ 25 هٿياربند ساٿي آهن جن ۾ سبزوئي گينگ جا ماڻهو پڻ ضم ٿيل آهي ۽ ضلعي جي پوليس هن گينگ کي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيا پر گينگ جو خاتم نه ٿي سگهيو. جاگيراڻي گينگ جي سربراهه جيئند جاگيراڻي وٽ 10 هٿياربند آهن جن جا ڪجهه ساٿي پوليس مقابلن ۾ مارجي چڪا آهن. اهڙي طرح بنگوار گينگ وٽ 15 کان وڌيڪ ساٿي موجود آهن جن ۾ شر هٿياربند به ضم ٿيل آهن پر بنگوار گينگ جو سربراه شريف بنگوار خود پوليس مقابلي ۾ مارجي چڪو آهي ۽ هاڻ سربراه طور ڪوبه نالو سامهون نه اچي سگهيو آهي. انهن مان سڀ کان وڏي ڀيو گينگ آهي جنهن جو سربراهه بدنام ڌاڙيل خادم عرف خادو ڀيو آهي. سبزوئي گينگ جو سربراهه پوليس مقابلن ۾ مارجي وڃڻ بعد سبزوئي گينگ جا ڏوهاري به خادم عرف خادو ڀيو گينگ ۾ شامل ٿي ويا آهن. جڏهن ته ٻيو ٽولو جاگيراڻي گينگ آهي جنهن جو سربراهه جيئند جاگيراڻي آهي. ڪچي ۾ بنگوار گينگ، ڪوڪاري نندواڻي گينگ، تيغاڻي گينگ موجود به آهن پر دهشت جي علامت بدنام ڌاڙيل خادم عرف خادو ڀيو آهي. جنهن جي سر جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا رکي وئي آهي. جيئند جاگيراڻي مٿان 50 لک انعام رکيل آهي. سبزوئي گينگ، تيغاڻي گينگ ۽ بنگوار گينگ جي ڏوهارين مٿان 5 کان 20 لک روپيا انعام رکيل آهي.
ڪنڌڪوٽ مان ٻارڙو اغوا، ڌرڻو، پوليس پاران گم ڄاڻايل ٻيو نينگر بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ
ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران کوسو ) ڪنڌڪوٽ جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ملهير پٺاڻ پڪٽ ڀرسان پٺاڻ برادري جي 6 سال جي نينگر اياز پٺاڻ کي هٿياربند اغوا ڪري ويا. پٺاڻ برادري جي ماڻهن ۽ وارثن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.اڳواڻن جو چوڻ هو ته هٿياربند معصوم نينگر کي اغوا ڪري ويا آهن. وارثن پاران مطالبو ڪيو ويو ته جلد کان جلد مغوي نينگر کي بازياب ڪرايو وڃي. هوڏانهن گم ڄاڻايل ھندو نينگر کي پوليس پاران دراني مهر جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته 2 ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل نينگر آنند ڪمار کي دراني مھر جي ڪچي واري علائقي مان مقابلي بعد بازياب ڪرايو آهي. هن چيو ته آنند ڪمار کي ڏوھاري ھڪ ھنڌ کان ٻئي منتقل ڪري رھيا ھئا ته ڳجھي اطلاع تي پوليس پھتي.هن ٻڌايو ته نينگر کي پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو.نينگر جي گهر واپس اچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.
پڪي تي موجود جيڪب آباد ضلعو ڏوهارين جو اڏو بڻيل
جيڪب آباد: جيڪب آباد ضلعو جاگرافي طور پڪي تي هئڻ باوجود ڏوهارين جي لاءِ محفوظ پناهه گاهه بڻيل آهي. ان جو سبب پوليس ۾ لوڪل سطح مقرريون آهن جنهن سبب اهي اهلڪار ڏوهارين سان مهاڏو اٽڪائڻ بدران ڪنهن به آپريشن ٿيڻ جي صورت ۾ انهن جا سهولتڪار بڻجي وڃن ٿا. ڏوهارين تي انعام رکيل آهي ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن روپوش ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ڪهڙيون ڪوششون ورتيون ويون انهن سوالن جي جواب لاءِ ايس ايس پي جيڪب آباد سليم شاهه سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان نمبر اٽينڊ نه ڪيو. جڏهن ته انهن کي ميسج ۾ لکيو ويو ته ڏوهارين جي رڪارڊ بابت تفصيل وٺڻو آهي پر ان باوجود به ايس ايس پي ميسج کي نظرانداز ڪري ڇڏيو جنهن سبب اهم معاملي تي ايس ايس پي جيڪب آباد جي غير سنجيدگي سبب پوليس جو موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي.
ڪشمور ضلعي ۾ ڏيڍ سال اندر 10 ايس ايس پي تبديل
ڪنڌڪوٽ: ضلعي جي مختلف شهرن مان هڪ سال دوران 350 کان وڌيڪ شهري اغوا ٿيا 730 کان وڌيڪ پوري ملڪ مان عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي پهتا، اڪثر ڀنگ ڀري بازياب ٿيا. ضلعي جي بدترين بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ 9 ايس ايس پي ناڪام رهيا هاڻ ڏهون ايس ايس پي بشير احمد بروهي ضلعي ۾ مقرر ٿيل آهي. ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ڏيڍ سال دوران مختلف ايس ايس پيز امجد شيخ، زبير نظير شيخ، ذيشان شفيق صديقي، عرفان سمون، شبير سيٺار، عرفان سمون، امجد شيخ، روحيل کوسو، بشير احمد بروهي مقرر ٿيا آهن پر اهي ڌاڙيلن کي روڪي نه سگهيا آهن. بدترين بدامني سبب علائقو ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي. نيشنل هاءِ وي ۽ شهر ۾ ڪرفيو جهڙي صورتحال نظر ايندي آهي. ضلعي جون حالتون خراب هجڻ ڪري علائقي واسي سج لهڻ کان اڳ ئي گهرن تائين محدود ٿي ويندا آهن ۽ ڪاروباري مرڪز سوير بند ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي. ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪچي جي 72 ڪلوميٽر جي چئوڌاري اندر رهندڙ پر اطلاع آهن ته ضلعي اندر 70 ڏوهاري موجود آهن جيڪي ضلعي اندر مقرر 5 هزار کان وڌيڪ پوليس نفري کان زور آهن ۽ ساڍا 12 لک آبادي رکندڙ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي عوام کي يرغمال بڻائي ويٺل آهن.
قبيلائي جهيڙا ڪندڙ ماڻهو به ڦرون ڪري رهيا آهن: ڏوهاري
جيڪب آباد(رپورٽر) ڏوهن جي دنيا تعلق رکندڙ هڪ شخص نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته جيڪب آباد ضلعي ۾ بدامني جو اصل ڪارڻ اهو به آهي ته شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي علائقي ۾ قبيلائي جهيڙن ۾ ملوث ماڻهو به سرحدي ضلعو هئڻ تي اچي ڏوهي ڪاروايون ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي وڃن ٿا. جيڪب آباد ضلعي جا ڏوهاري به ٻين ضلعن جي ڏوهارين کي پاڻ وٽ گهرائي وارداتون ڪرڻ کان انهن ضلعن ۾ فرار ٿي ٿا وڃن جنهن سبب ضلعي جي پوليس ڏوهارين آڏو بيوس آهي.
سکر مان اغوا ٿيل اهلڪار جو پٽ بازياب نه ٿيو، 50 لک ڀنگ طلب
سکر (بيورو رپورٽ) سکر مائيڪرو ڪالوني مان اغوا ٿي ويل شفيق مشوري کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جڏهن ته ڌاڙيلن هڪ ڀيرو ٻيهر وارٿن کي فون ڪري 50 لک ڀنگ گهريو آهي، مليل ڄاڻ موجب ٽريفڪ هيڊ ڪانسٽيبل منظور مشوري جي پٽ جي بازيابي لاءِ پوليس ڪو به تحرڪ ناهي ورتو، ذريعن موجب 3 رمضان تي پٽ جي پراسرار گمشدگي بعد هيڊ ڪانسٽيبل ڳولا لاءِ موڪل وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس موڪل نه ملي ۽ هو ڊيوٽي ڪري رهيو آهي، اهلڪار ٻڌايو ته رمضان جي آخري ڏهاڪي ۾ ڌاڙيلن فون ڪري پٽ جي بازيابي لاءِ 50 لک روپيا ڀنگ گهريو، رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ کيس قتل ڪري لاش بچاءَ بند وٽ ڦٽو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، هن پٽ کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي.
ڪورنگي: اغوا ٿيل معصوم ٻارڙيءَ بازياب: مک جوابدار سوگهو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙيءَ بازياب: مک جوابدار سوگهو، ان ڏس ۾ ايس ايس پي ڪورنگي حسن سردار موجب جوابدار عمران گذريل ڏينهن عوامي ڪالوني معصوم ٻارڙي عميمه کي اغوا ڪيو ھو، عوامي ڪالوني پوليس 24ڪلاڪن دوران معصوم عميمھ کي بازياب ڪرائي مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ايس پي موجب جوابدار 2008ع ۾ زمان ٽائون مان به ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ ۾ ملوث رھيو آھي،
ڏوهاري مارڻ تي به پوليس تي ڏنڊ، اهلڪار مايوسي جو شڪار، ڪارروائين کان پاسو
جيڪب آباد(رپورٽ: عبدالغني کوسو) ڏوهارين جي مارجڻ تي پوليس اهلڪارن تي راڄوڻي ذريعي ڏنڊ لڳائڻ کان پوءِ پوليس اهلڪارن پاران ڏوهارين سان مهاڏو اٽڪائڻ وارو عمل ٺپ ٿي ويو آهي. جيڪب آباد ۾ ٻه سال اڳ وچ شهر ۾ محمد شير جکراڻي ۽ بختيار جکراڻي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا هئا جنهن کانپوءِ پوليس مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس اهلڪارن خلاف عدالتي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪارن محمد علي بروهي، دلاور سٻايو راڄوڻي ذريعي 50 لک چٽي ڀري ڏني. راڄوڻي سبب پوليس اهلڪارن تي ڏنڊ لڳائڻ کانپوءِ ڏوهاري پوليس تي حاوي ٿي ويا ۽ ڏوهن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.
شڪارپور ضلعي ۾ ڌاڙيل ڊيل ڪري گرفتاري ڏئي آزاد ٿي آيو
شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) بدنام ڌاڙيل احسان قهراني لاء ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس سان ڊيل ڪري جيل ويو ۽ آزاد ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو وري ڏوھ ڪري رهيو آهي. تيغاڻي ۽ بڊاڻي گينگ جي ڏوهارين ۾ يعقوب تيغاڻي، انور بڊاڻي، جيئند تيغاڻي، لاڏو تيغاڻي تي پڻ لکين رپيا انعام مقرر ٿيل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ مختلف ڏوھاري پاڻ ۾ اتحاد ڪري ڪچي ۽ پڪي ۾ ڏوھ ڪري رھيا آھن. هو پاڻ ۾ گڏجي وڏيون وارداتون ڪن ٿا. انڊس ھاء وي، ڪچي سان لڳندڙ علائقا فيضو، رستم، ڪرمپور، پير بخش شجراھ، خانپور، چڪ ۽ ٻيا علائقا ڏوھارين جو آسان ٽارگيٽ رھن ٿا. شڪارپور ضلعي مان ھن وقت به ڌاڙيلن وٽ ھڪ معصوم مھربان سميت 11 ڄڻا باندي بڻيل آھن. جڏھن ته ڪشمور شڪارپور ۽ گھوٽڪي جي ڪچي ۾ ھڪ اندازي مطابق 40 کان 50 ماڻھو اغوا بڻيل آھن، جن جي بازيابي لاء پوليس ڪو ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر آھي. ذريعن موجب جيڪي به مغوي بازياب ٿيا آھن اهي راڄوڻي طاقت ذريعي بازياب ٿيندا رھيا آھن ۽ پوليس ڳجھ ڳوھ ۾ پئسا ڀري يا گرفتار ڌاڙيلن جي ساٿين کي آزادي ڪري مغوين کي بازياب ڪرائيندي رھي آھي.
خيرپور ضلعي ۾ 35 ٿاڻا، 70 پيري رکيل، ڪو ڪم نه ٿيو
خيرپور(رپورٽر) خيرپور جي 35 ٿاڻن تي 70 کان وڌيڪ پيري رکيل آهن جن جو ڪم کوج ذريعي چورن ۽ هٿياربندن جو پتو لڳائڻ آهي پر ٿاڻن تي مقرر اڪثر پيري پنهنجي ذميواري ۽ ڪرت کان اڻ واقف آهن جيڪي ويزا تي هوندي گهر ويٺي ماهوار لکين رپيا پگهارون ته کڻن ٿا پر ڏوهي وارداتن ۾ ڪم نه ٿا ڪن. کوجي طور آندل جديد ٽيڪنالاجي جيو فينسنگ، فارينزڪ ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ وارو نظام به ناڪارا بڻيل آهي جنهن جو سڌو فائدو ڌاڙيلن، ڦورن، چورن ۽ ٻين ڏوهارين کي ٿئي ٿو.
بدامني ۽ اغوا جو خوف: 300 کان وڌيڪ هندو ڀارت لڏي ويا
ڪنڌڪوٽ: ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا 300 کان وڌيڪ هندو شهري بدترين بدامني کان تنگ ٿي ڀارت لڏپلاڻ ڪري ويا. بدامني جا ماريل هندو خاندان جيڪي لڏپلاڻ ڪري ويا انهن انڊيا ۾ ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو ۽ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ موجود ملڪيتون ڀڳڙن عيوض وڪرو ڪري هميشه لاءِ انڊيا پهتا پر حڪومتون چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي جي پوليس امن و امان بحال نه ڪرائي سگهي.
پنوعاقل ڀرسان ڌاڙيلن هٿان ٿاڌل کپائيندڙ 2 پورهيت اغوا
پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل ڀرسان ڌاڙيلن هٿان ٿاچل کپائيندڙ 2 پورهيت مبينا اغوا، خبر موجب سڌوجا وٽ حاجي خان لنڪ روڊ تي ڌاڙيل ٿاڌل ھلائيندڙ 2 پورھيتن کي اغوا ڪري ويا، ڌاڙيلن بائيجي ٿاڻي جي حد شھر ڀرسان ڪارروائي ڪري پورھيتن ڪامران ۽ پيارو سرائيڪي کي اغوا ڪيو، ڌاڙيل ٻنهي پورهيتن کي ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي پيرا کنيا جيڪي ڪچي ۾ درياهه وٽ گم ٿي ويا، پوليس موجب ڏوھاري ٻنھي پورهيتن کي اغوا ڪرڻ بعد ڪچي ۾ درياهه پار کڻي ويا آهن.