خالد لنڊ وارا ڌمڪائين پيا، چالان پيش نه پيو ٿئي،گڏاڻي ڪيس ڪراچي منتقل ڪريو: پٽيشن داخل

آگسٽ 9, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ميرپور ماٿيلو ۾ شهيد ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي خاتون  پٽ جو قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميرپور ماٿيلو کان ڪراچي يا ڪنهن ٻئي شهر منتقل ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ  ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواستگذار ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته اڃا تائين چالان پيش ڇو ناهي ڪيو؟ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ، سندس پٽ شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ ٻيا ڌمڪيون ڌئي رهيا آهن،  دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميرپور ماٿيلو ۾ هٿياربندن سان شنوائي تي ايندڙ خالد لنڊ ۽ سندس پٽ هراسان ڪري رهيا آهن, پوليس پڻ جوابدارن جي پٺڀرائي پئي ڪري، مائي پٺاڻي موجب پوليس نصرالله قتل ڪيس ۾ جوابدار عبدالله لنڊ، برڪت لنڊ ۽ ٻين کي گرفتار نٿي ڪري، اسان حياتي جي خطري سبب حاضري پيش ٿي نه ٿا سگهون، اسانکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي, درخواستگذار جي وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته ڪيس ۾ نامزد خالد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ کي پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي، جاچ آفيسر پڻ جوابدارن کي بچائڻ چاهي ٿو، عدالت تڪڙي ٻڌڻي واري درخواست منظور ڪري ايس ايس پي گهوٽڪي کان 7 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.

نصر الله گڏاڻي ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم، خالد لنڊ کي ڪلين چٽ

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس مان جاچ آفيسر دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا، قتل ڪيس ۾ نامزد ايم اين اي خالد لنڊ بيگناهه قرار، ايم اين اي جا ٻئي پٽ شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ قتل ۾ ملوث قرار، قتل ڪيس جي جاچ آفيسر سراج لاشاري پنهنجي رپورٽ پراسيڪيوٽر  وٽ جمع ڪرائي ڇڏي، خبر موجب شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي جاچ آفيسر ڪيس مان دهشتگرديءَ جا قلم ختم ڪري ڇڏيا آهن، قتل ڪيس ۾ نامزد ايم اين اي خالد لنڊ کي بي ڏوهي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته پ پ ايم اين اي جي ٻنهي پٽن شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ کي قتل ۾ ملوث قرار ڏنو ويو، قتل ڪيس جي جاچ آفيسر سراج لاشاري پنهنجي رپورٽ پراسيڪيوٽر وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، عدالت ۾ پيشي وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي جاچ آفيسر سراج لاشاري چيو ته ايم اين اي خالد لنڊ  خلاف قتل ۾ ملوث هئڻ جي ڪا به  ثابتي نه ملي آهي، جاچ آفيسر موجب خالد لنڊ جي ٻنهي پٽن شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ سندن مئنيجر عبدالله لنڊ صحافيءَ جي قتل جي سازش ڪئي، سندن چرچ تي اصغر لنڊ ۽ برڪت لنڊ نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪيو، سراج لاشاري چيو ته واقعو جيئن ته ذاتي انتقام جو نتيجو آهي تنهن ڪري ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪيا اٿئون، عدالت اجازت ڏني ته ڪيس عام ڪورٽ ۾ هلايو ويندو، ميرپورماٿيلو جي اي ٽي سي جو جج نه هجڻ ڪري جاچ آفيسر، انچارج جج ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيو جتي هن ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مهلت طلب ڪئي، جنهن تي عدالت کيس 17 آگسٽ تائين مهلت ڏئي ڇڏي.

Leave A Comment