خانپور ويجهو ڳوٺ نور محمد شجراع ۾ ملڪيت جي تڪرار تان جوابدارن ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو
مَي 15, 2024
سنڌ جي سماج مان سهپ ۽ انساني قدر موڪلائڻ لڳا، خانپور ويجهو ڳوٺ نور محمد شجراع ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀائرن پٽن جي مدد سان ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، هڪ هفتي دوران سنڌ ۾ ڀاءُ هٿان ڀاءُ جي قتل جا 3 واقعا پيش اچي چڪا، مقتول قاسم پهوڙ جي وارثن موجب جوابدار قمر الدين ۽ هاشم پنهنجن پٽن مشتاق حفيظ ۽ ٻين جي مدد سان پنهنجي ڀاءُ قاسم کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو، جوابدارن قاسم جو هٿ پير ٻڌل لاش کڏ ۾ اڇلايو، رحيم آباد پوليس کڏ مان لاش ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ جوابدار هاشم پهوڙ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن