خواجه آصف کي ڪير ٿو ليکي، چون ٿا ته عمران سان سياسي ڳالهيون نه ڪريو: پي ٽي آءِ اڳواڻ

آگسٽ 16, 2024

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته جنرل فيض حميد جي ڪورٽ مارشل تي قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته نجي هائوسنگ سوسائٽي جي معاملي ۾ جِن آفيسرز روڪ رقم کنئي، اُنهن جو به ڪورٽ مارشل ڪيو وڃي، خواجه آصف تي تنقيد ڪندي چيو ته کيس ڪابه خبر ناهي، کيس جي ايچ ڪيو جي ڀرسان به وڃڻ ناهي ڏنو ويندو، خواجه آصف نالي جو بچاءَ وارو وزير آهي، کيس ڪير پڇندو به نه آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات طئه ٿيل هئي، پر ملاقات ڪرڻ نه ڏني وئي، جيل سپرنٽينڊنٽ ۽ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ڌمڪيون ڏنيون، اسان کي چيو ويو سياسي ڳالهيون ٿيون ته قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو.

Leave A Comment