خيبر ضلعي جي تيراه وادي ۾ آپريشن، خوارج سربراهه سميت 25 دهشتگرد مارجي ويا، 4 اهلڪار شهيد
آگسٽ 28, 2024
راولپنڊي(م ڊ) خيبرپختونخوا ۾ ڳجهي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز جي خيبر ضلعي جي علائقي تيراه ۾ آپريشن دوران الخوارج جا 25 دهشتگرد مارجي ويا.، پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، خيبر ضلعي جي علائقي تيراه ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ الخوارج جا 11 دهشتگرد زخمي ٿيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران 4 جوان شهيد ٿي ويا، آپريشن ۾ الخوارج جو سربراهه ابوذر عرف صدام به مارجي ويو. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته باقي بچيل دهشتگردن جي به ڳولا ڪئي پئي وڃي، ملڪ مان خوارج ۽ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز پرعزم آهي.