خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

سيپٽمبر 21, 2024

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ راشد حفيظ ۽ عامر محمود ڪياني جا به ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا، عمر تنوير بٽ لاڳيتو حاضر نه ٿيڻ تي اشتهاري قرار

علي امين گنڊاپور سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف دهشتگرديءَ جي قلمن تحت آءِ نائين ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي، علي امين گنڊاپور جي جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست به خارج ڪئي وئي

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا فيصل جاويد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي

علي امين گنڊاپور پاران به حاضريءَ کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪرائي وئي، پراسيڪيوٽر راجا نويد چيو ته عدالت جوابدار جو رويو ڏسي وٺي

لاڳيتو ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، جج طاهر عباس سپرا چيو ته جوابدار گذريل ڀيري به حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني هئي، جڏهن ته جلسي ۾ سندس طبيعت ٺيڪ هئي

Leave A Comment